YouVersion Logo
Search Icon

متي 22

22
شاديءَ جي دعوت جو مثال
(لوقا 14‏:15‏-24)
1 عيسيٰ وري ماڻهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. 2هن چيو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي بادشاهہ پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي. 3هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو دعوت تي اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن. 4تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلها متارا ڍڳا ۽ وهڙا ذبح ڪرايا آهن ۽ ماني تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو دعوت کائڻ لاءِ هليا اچو.‘ 5پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو. 6جڏهن تہ ڪن دعوتين سندس نوڪرن کي پڪڙي مار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. 7تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين. 8پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا. 9تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘ 10تنهن تي اهي نوڪر ٻاهر نڪري ويا ۽ رستن تي جيڪي بہ چڱا مَٺا ماڻهو منهن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. ايتري قدر جو شاديءَ جي دعوت واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي.
11جڏهن بادشاهہ شاديءَ جي مهمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اتي هن هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏٺو جنهن کي شاديءَ وارا ڪپڙا پاتل ڪين هئا. 12تنهن تي انهيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان! تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟‘ پر هن ڪڇيو ئي ڪين. 13#مت 8‏:12، 25‏:30، لو 13‏:28 تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“
14آخر ۾ عيسيٰ چيو تہ ”بيشڪ دعوتي تہ گھڻا هوندا آهن، پر انهن ۾ چونڊيل ٿورا هوندا آهن.“
ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
(مرقس 12‏:13‏-17، لوقا 20‏:20‏-26)
15تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي. 16پوءِ فريسين پنهنجن شاگردن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي عيسيٰ ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو. 17پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“ 18عيسيٰ انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ 19ڀلا مون کي هڪڙو سڪو ڏيکاريو جنهن سان ٽيڪس ڏيندا آهيو.“ تڏهن اهي وٽس هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا. 20تنهن تي عيسيٰ پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ 21انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“ 22اهو ٻڌي هو عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.
مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال
(مرقس 12‏:18‏-27، لوقا 20‏:27‏-40)
23 # رس 23‏:8 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي صدوقي، جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا، تن مان ڪي عيسيٰ وٽ آيا 24#شر 25‏:5 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! موسيٰ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رن‌زال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ 25اسان ۾ هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين ڀاءُ شادي ڪئي پر بي‌اولاد مري ويو، تنهنڪري هن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو. 26اهڙيءَ طرح اها عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي. 27انهن سڀني کان پوءِ اها عورت بہ مري ويئي. 28هاڻي جيئن تہ سڀ ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اها عورت انهن ستن مان ڪنهن جي زال ٿيندي؟“
29 عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پاڪ ڪلام ٿا ڄاڻو، نڪي خدا جي قدرت. 30ڏسو، جڏهن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن خدا جي حضور ۾ رهندڙ ملائڪ آهن تيئن اهي هوندا. 31مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟ 32#خر 3‏:6 هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو خدا نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي.“ 33جڏهن ماڻهن هي ٻڌو تہ اهي عيسيٰ جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.
سڀ کان وڏو حڪم
(مرقس 12‏:28‏-34، لوقا 10‏:25‏-28)
34جڏهن فريسين هي ٻڌو تہ عيسيٰ صدوقين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن اهي عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا. 35انهن مان هڪڙي شريعت جي عالم عيسيٰ کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس پڇيو تہ 36”اي استاد! شريعت ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“ 37#شر 6‏:5 تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘ 38سڀ کان وڏو ۽ پهريون حڪم اهو ئي آهي. 39#لاو 19‏:18 ٻيو حڪم بہ انهيءَ جهڙو آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ 40سڄو توريت توڙي نبين جون سڀ پاڪ لکتون انهن ئي ٻنهي حڪمن تي مدار رکن ٿيون.“
مسيح بابت سوال
(مرقس 12‏:35‏-37، لوقا 20‏:41‏-44)
41جيڪي فريسي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کان عيسيٰ پڇيو تہ 42”اوهين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ هو ڪنهن جي اولاد مان هوندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”هو دائود جي اولاد مان هوندو.“ 43تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي هدايت تي هن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ تہ دائود پاڻ چيو آهي تہ
44 # زب 110‏:1 خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
45سو جيڪڏهن دائود مسيح کي ’خداوند‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اهو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 46هن جي جواب ۾ ڪو ئي هڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪنهن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.

Currently Selected:

متي 22: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in