YouVersion Logo
Search Icon

متي 21

21
يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(مرقس 11‏:1‏-11، لوقا 19‏:28‏-40، يوحنا 12‏:12‏-19)
1 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد جڏهن يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ڳوٺ جي سامهون اچي پهتا، تڏهن اتان عيسيٰ ٻن شاگردن کي اڳتي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو. 2انهن کي هدايت ڪيائين تہ ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي گھڙندي ئي اوهين ڏسندا تہ هڪڙي گڏهِہ پنهنجي ٻچي سميت ٻڌل هوندي. انهن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاهي اچو. 3جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’استاد کي انهن جي ضرورت آهي.‘ پوءِ هو هڪدم اوهان کي اهي ڪاهڻ ڏيندو.“
4اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ
5 # زڪ 9‏:9 #21‏:5 صيئون شهر يعني يروشلم شهر.صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ
’ڏسو، اوهان جو بادشاهہ اوهان وٽ اچي پيو،
هو حليم آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي،
بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“
6تڏهن اهي شاگرد روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن عيسيٰ کين چيو هو. 7اُهي گڏهِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاهي آيا، مٿن پنهنجيون چادرون وڌائون ۽ عيسيٰ انهيءَ تي سوار ٿي ويٺو. 8اتي موجود وڏي ميڙ مان گھڻن پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي پئي وڇايون، جڏهن تہ ٻين وري وڻن جون ٽاميون آڻي رستي تي پئي وڇايون. 9#زب 118‏:25‏-26 ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ
دائود جي پٽ جي #21‏:9 ”واکاڻ هجي“ ۽ ”خدا جي واکاڻ هجي“ اصلي مسودي ۾ ٻنهي جاين تي عبراني لفظ ”هوشعنا“ استعمال ٿيل آهي. جيئن تہ گذريل دور ۾ انهيءَ جو مطلب ”اسان کي بچاءِ“ ورتو ويندو هو، پر عيسيٰ مسيح جي دور ۾ اهو واکاڻ جي نعري طور استعمال ڪيو ٿي ويو (ڏسو آيت 15 پڻ).واکاڻ هجي!
سڀاڳو آهي اهو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي!
عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“
10جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي؟“ 11ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو نبي عيسيٰ آهي.“
هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ
(مرقس 11‏:15‏-19، لوقا 19‏:45‏-48، يوحنا 2‏:13‏-22)
12 عيسيٰ هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 13#يس 56‏:7، ير 7‏:11 انهن کي چيائين تہ ”ڇا پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو نہ فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
14پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا عيسيٰ وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 15جڏهن سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”دائود جي پٽ جي #21‏:15 واکاڻ هجي ڏسو آيت 9 ۾ ڏنل سمجھاڻي.واکاڻ هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا. 16#زب 8‏:2 تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“ 17پوءِ عيسيٰ انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت‌عنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو.
انجير جي وڻ کي پاراتو ڏيڻ
(مرقس 11‏:12‏-14‏،20‏-24)
18ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن عيسيٰ يروشلم ڏانهن موٽيو پئي ويو تہ کيس اچي بک لڳي. 19هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو. 20شاگرد اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“ 21#مت 17‏:20، 1.ڪر 13‏:2 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 22پوري يقين سان اوهين جيڪي بہ دعا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“
عيسيٰ مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
(مرقس 11‏:27‏-33، لوقا 20‏:1‏-8)
23عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ اچي تعليم پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“ 24عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ٿو ڪريان. 25ٻڌايو تہ يحيٰ جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، خدا جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘ 26پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يحيٰ کي نبي ڪري پيا مڃين.“ 27تنهنڪري انهن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آهي.“ تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم پيو ڪريان.“
ٻن پٽن جو مثال
28پوءِ عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هن ڳالهہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا. هو پهريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘ 29پهريائين تہ هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻيهي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانهن هليو ويو. 30پوءِ پيءُ وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. هن جواب ۾ چيو تہ ’هائو بابا!‘ پر هو ويو ڪين. 31هاڻي اوهين ٻڌايو تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن پنهنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ڪسبياڻيون ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿين ٿا. 32#لو 3‏:12، 7‏:29‏-30 ان جو سبب هي آهي تہ يحيٰ جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين هن تي يقين ڪيو انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“
بي‌ايمان باغائين جو مثال
(مرقس 12‏:1‏-12، لوقا 20‏:9‏-19)
33 # يس 5‏:1‏-2 عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 34جڏهن ميوي لهڻ جو وقت ٿيو تہ هن پنهنجا نوڪر انهن باغائين ڏانهن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن. 35پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون. 36پوءِ زميندار اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا، جن سان بہ انهن ساڳي ڪار ڪئي. 37آخر ۾ هن پنهنجو پٽ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هن جو خيال هو تہ هو انهيءَ جو ضرور لحاظ ڪندا. 38پر باغائين جڏهن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ 39تڏهن انهن هن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“
40پوءِ عيسيٰ ڪائونسل جي انهن چڱن مڙسن کان پڇيو تہ ”هاڻي جڏهن باغ جو مالڪ ايندو تڏهن هو انهن باغائين سان ڪهڙو سلوڪ ڪندو؟“ 41انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“
42 # زب 118‏:22‏-23 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ
’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.
اهو خداوند جي طرفان ڪيو ويو آهي،
اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“
43عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهي اوهان تان هٽي ويندي ۽ انهيءَ نئين چونڊيل قوم مٿان اچي ڇانوَ ڪندي جيڪا پاڻ ۾ انهيءَ جو حقيقي ڦل پيدا ڪندي. 44#1.پط 2‏:8 باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“
45سردار ڪاهنن ۽ فريسين جڏهن عيسيٰ جا مثال ٻڌا تہ سمجھي ورتائون تہ ”هو اسان بابت ٿو ڳالهائي.“ 46تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس نبي ڪري پئي مڃيو.

Currently Selected:

متي 21: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in