ڀلا مون کي هڪڙو سڪو ڏيکاريو جنهن سان ٽيڪس ڏيندا آهيو.“ تڏهن اهي وٽس هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا. تنهن تي عيسيٰ پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“