YouVersion Logo
Search Icon

متي 23

23
پاڻ کي وڏو سڏائڻ خلاف چتاءُ
(مرقس 12‏:38‏-39، لوقا 11‏:43‏،46، 20‏:45‏-46)
1پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنهنجي شاگردن سان ڳالهائيندي چيو تہ 2شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آهي. 3تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن. 4هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن. 5#مت 6‏:1، ڳا 15‏:38، شر 6‏:8 هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا #23‏:5 جھالردار ڦُندڻ اهڙا ڦُندڻ جبن ۾ لڳائڻ خدا جي شريعت جي پابنديءَ جو نشان سمجھيو ويندو هو (ڏسو ڳاڻاٽو 15‏:37‏-41).جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا. 6هو دعوتن توڙي عبادت‌خانن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. 7هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين ۽ کين ’سائين، سائين‘ ڪري پڪارين. 8پر اوهين ’سائين‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سائين آهي. 9ساڳيءَ طرح اوهين هن دنيا ۾ ڪنهن کي بہ #23‏:9 پيءُ انهيءَ دور ۾ ڪنهن وڏي عهدي واري کي بہ پيءُ ڪري سڏيو ويندو هو.پيءُ نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ آهي جيڪو آسمان تي آهي. 10نہ وري اوهين مرشد سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي مرشد آهي يعني مسيح. 11#مت 20‏:26‏-27، مر 9‏:35، 10‏:43‏-44، لو 22‏:26 اوهان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آهي سو اوهان جو خادم ٿئي. 12#لو 14‏:11، 18‏:14 جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
عيسيٰ مسيح جو رياڪارن کي نندڻ
(مرقس 12‏:40، لوقا 11‏:39‏-42‏،44‏،52، 20‏:47)
13‏-14”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين آسمان جي بادشاهيءَ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.#23‏:13‏-14 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين رنن‌زالن جا گھر ڦري ٿا ڇڏيو ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون دعائون ٿا گھرو. اوهين تہ اڃا وڌيڪ گنهگار قرار ڏنا ويندا“ (ڏسو مرقس 12‏:40).
15مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو دين ۾ اچي اوهان جو مريد ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو دوزخي ٿا بڻايو.
16مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘ 17اي انڌؤ! اي بي‌وقوفؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پاڪ ڪيو؟ 18اوهين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو قربان‌گاهہ جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو قربان‌گاهہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘ 19اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان‌گاهہ، جيڪا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟ 20تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو قربان‌گاهہ جو قسم کڻي ٿو تہ اهو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انهن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي ان تي رکيل آهن. 21جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو نہ رڳو ان جو پر خدا جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو ان ۾ رهي ٿو. 22#يس 66‏:1، مت 5‏:34 جيڪڏهن ڪو عرش عظيم جو قسم ٿو کڻي تہ هو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو بلڪ انهيءَ جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪو ان تي ويٺل آهي.
23 # لاو 27‏:30 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، رحم ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها. 24اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڏسي ڪڍو ٿا پر اُٺ کي نظرانداز ڪري ڳڙڪائي ٿا وڃو.
25مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن. 26اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.
27 # رس 23‏:3 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي. 28ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر رياڪاريءَ ۽ خدا جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“
رياڪاريءَ جي سزا
(لوقا 11‏:47‏-51)
29”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين نبين جا قبا ٿا ٺاهيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو 30۽ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انهن سان شريڪ نہ ٿيون ها.‘ 31حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘ 32تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو. 33#مت 3‏:7، 12‏:34، لو 3‏:7 اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين دوزخ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟ 34ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا. 35#پيد 4‏:8، 2.توا 24‏:20‏-21 انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو. 36آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن سڀني جو خون هن پيڙهيءَ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“
عيسيٰ مسيح جو يروشلم لاءِ افسوس ڪرڻ
(لوقا 13‏:34‏-35)
37يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. 38#ير 22‏:5 هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. 39#زب 118‏:26 آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ
’سڀاڳو آهي اهو،
جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“

Currently Selected:

متي 23: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in