24
هيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي
(مرقس 13:1-2، لوقا 21:5-6)
1 عيسيٰ جيئن ئي هيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس شاگرد وٽس اچي کيس هيڪل جون عمارتون ڏيکارڻ لڳا. 2عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسي وٺو. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو سڀ ڊاٺو ويندو ۽ ڪوبہ پٿر پٿر تي نہ رهندو.“
تڪليفون ۽ تباهيون
(مرقس 13:3-13، لوقا 21:7-19)
3عيسيٰ جڏهن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ اوهان جي بادشاهي اچڻ جي ۽ هن آخري زماني جي پڄاڻيءَ جي ڪهڙي نشاني هوندي؟“
4 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ نہ ڪري، 5ڇو تہ گھڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي گھڻن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا. 6اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇاڪاڻ تہ پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اها اڃا پڄاڻي نہ هوندي. 7قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. 8پر اهي سڀ ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.
9 #
مت 10:22
ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا. 10ان وقت گھڻا ئي گمراهہ ٿيندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا. 11گھڻا ئي نبي سڏائيندڙ ظاهر ٿيندا ۽ گھڻن ماڻهن کي گمراهہ ڪندا. 12بڇڙائي وڌي وڃڻ ڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو. 13#مت 10:22 پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي. 14آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي سڄيءَ دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“
دهشتناڪ وقت
(مرقس 13:14-23، لوقا 21:20-24)
15 #
دان 9:27، 11:31، 12:11 ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، 16تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. 17#لو 17:31 مطلب تہ جيڪو ماڻهو گھر جي ڇت تي هجي سو لهي پنهنجي گھر مان ڪا شيءِ کڻڻ لاءِ وقت نہ وڃائي 18۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 19انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. 20خدا کان دعا گھرو تہ شل اوهان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينهن نہ ٿئي، 21#دان 12:1، مڪا 7:14 ڇاڪاڻ تہ ان وقت واري مصيبت ايڏي تہ وڏي هوندي جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي. 22ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.
23ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي،‘ يا چوي تہ ’مسيح هوڏانهن آهي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، 24ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين. 25پر آءٌ اوهان کي اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي رهيو آهيان.
26 #
لو 17:23-24
سو جيڪڏهن ڪي اوهان کي چون تہ ’ڏسو، هو رڻپٽ ۾ آهي‘ تہ متان ٻاهر نڪتا آهيو يا وري ڪي چون تہ ’ڏسو، هو اندرين ڪمري ۾ لڪل آهي‘ تہ يقين نہ ڪجو. 27ابنِ آدم جو موٽي اچڻ ان چمڪندڙ کِنوڻ وانگر هوندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولهہ تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
28 #
لو 17:37، ايو 39:30 #24:28 جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان... اصلي متن ۾ هيءَ چوڻي لکيل آهي تہ ”جتي ڍونڍ هوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“جيئن ڳجھن جي مڙڻ مان اهو ظاهر ٿيندو آهي تہ اتي ڍونڍ آهي، تيئن اهو ظاهر ٿيندو.“
ابنِ آدم جو موٽي اچڻ
(مرقس 13:24-27، لوقا 21:25-28)
29 #
يس 13:10، 34:4، حز 32:7، يوا 2:10،31، 3:15، مڪا 6:12-13 ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون. 30#دان 7:13، زڪ 12:10-14، مڪا 1:7 ان وقت ابنِ آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاهر ٿيندي. تنهن تي ڌرتيءَ جي سڀني قومن ۾ ماتم مچي ويندو ۽ هو ابنِ آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان وَ شوڪت سان آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسنديون. 31تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“
انجير جي وڻ مان سبق
(مرقس 13:28-31، لوقا 21:29-33)
32”انجير جي وڻ مان اوهين سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو. 33ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو تڏهن ڄاڻجو تہ هيڪل جي ڊهڻ جو وقت اچي پهتو آهي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آهي. 34آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ #24:34 هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون هيڪل جي برباديءَ بابت عيسيٰ مسيح جي ڪيل اڳڪٿي، جيڪا متي 24:2 ۾ بيان ٿيل آهي، سا رومي حڪومت جي هٿان 70 عيسويءَ ۾ پوري ٿي.هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. 35زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
سجاڳ رهو
(مرقس 13:32-37، لوقا 17:26-30،34-36)
36عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو. 37#پيد 6:5-8 ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو. 38انهن ڏينهن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ٿي رهيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا ٿي رهيا، تان جو اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. 39#پيد 7:6-24 انهن کي ڪا خبر ئي ڪانہ هئي تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي. تڏهن اوچتو طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ انهن سڀني ماڻهن کي لوڙهي ويو. ابنِ آدم جو موٽي اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو. 40انهيءَ وقت جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا تہ هڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو. 41يا جيڪڏهن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو. 42تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو خداوند ايندو. 43#لو 12:39-40 انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها. 44انهيءَ ڪري اوهان کي هر وقت تيار رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ ابنِ آدم اهڙي وقت ايندو جنهن جو اوهان کي گمان بہ نہ هوندو.“
وفادار ۽ بيوفا نوڪر
(لوقا 12:41-48)
45عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟ 46سڀاڳو آهي اهو نوڪر جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي. 47آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. 48پر جيڪڏهن اهو نوڪر بڇڙو هجي ۽ دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ 49۽ اچي پنهنجي ساٿي نوڪرن کي مارڻ لڳي ۽ شرابين سان کائڻ پيئڻ لڳي، 50تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو، نڪي کيس ڪا خبر ئي هوندي. 51پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“