YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 3

3
حضرت يحيٰ جو منادي ڪرڻ
(متي 3‏:1‏-12، مرقس 1‏:1‏-8، يوحنا 1‏:19‏-28)
1تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران #3‏:1 هيروديس انتپاس هي بادشاهہ هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو. 2جڏهن تہ حَنا ۽ ڪائفا يهودين جا وڏا سردار ڪاهن هئا. انهن ڏينهن ۾ خدا جو ڪلام زڪرياہ جي پٽ يحيٰ تي نازل ٿيو، جيڪو رڻ‌پٽ ۾ رهندو هو. 3سو هو اردن درياءَ جي آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ ويو ۽ ماڻهن ۾ منادي ڪرڻ لڳو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ اوهان کي پنهنجن گناهن جي معافي ملي.“ 4#يس 40‏:3‏-5 اهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ جي هيءَ لکت پوري ٿي تہ
”رڻ‌پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو.
هائو، هن جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.
5ائين ڪرڻ سان سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي،
۽ هر هڪ جبل ۽ ٽڪري هموار ڪئي ويندي.
هائو، ڏنگا رستا سڌا ٿيندا
۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنئيون ٿينديون.
6تڏهن ئي سڄي انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“
7 # مت 12‏:34، 23‏:33 ماڻهن جا جيڪي ميڙ يحيٰ کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟ 8#يو 8‏:33 انهيءَ لاءِ اوهين وڃي اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي. اوهين ائين بہ نہ سوچو تہ ’اسين ابراهيم جو اولاد آهيون تنهنڪري بچي وينداسين.‘ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 9#مت 7‏:19 ياد رکو، هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.“
10تنهن تي ماڻهن کانئس پڇيو تہ ”پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 11هن ورندي ڏنن تہ ”جنهن وٽ ٻہ قميصون هجن تہ اهو هڪ انهيءَ کي ڏئي جنهن کي هڪ بہ ڪانهي ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي، سو بہ اهو ورهائي.“ 12#لو 7‏:29 #3‏:12 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ رومي حڪومت جي طرفان يهودي قوم کان ٽيڪس اُڳاڙڻ لاءِ سندن ئي قوم مان ڪي ماڻهو مقرر ڪيل هئا، جن کي ٽيڪس اُڳاڙڻ جي ڪري پنهنجي قوم جا غدار سمجھيو ويندو هو. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پڻ بپتسما وٺڻ آيا ۽ انهن پڇيس تہ ”اي استاد! اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ 13تنهن تي انهن کي چيائين تہ ”مقرر اگھہ کان وڌيڪ نہ اُڳاڙيو.“ 14سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“
15هاڻي ماڻهن ۾ جڏهن هڪ آس پيدا ٿيڻ لڳي تڏهن هو يحيٰ بابت انهيءَ ويچار ۾ پئجي ويا تہ ”ڇا هي مسيح تہ نہ آهي!“ 16تنهن تي يحيٰ انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو قدرت وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. 17هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. پوءِ هو ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکندو ۽ بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“ 18يحيٰ ٻيون بہ ڪيتريون ئي نصيحتون ڪندي ماڻهن کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندو رهيو.
19 # مت 14‏:3‏-4، مر 6‏:17‏-18 پوءِ يحيٰ هيروديس انتپاس کي ملامت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيئري ئي سندس زال هيرودياس سان پرڻيو هو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي برا ڪم ڪيا هئائين. 20تڏهن هيروديس هڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ
(متي 3‏:13‏-17، مرقس 1‏:9‏-11)
21هڪڙي دفعي جڏهن سڀني ماڻهن اردن درياءَ ۾ يحيٰ کان بپتسما پئي ورتي تڏهن عيسيٰ بہ کانئس بپتسما ورتي. پوءِ اتي بيٺي جيئن ئي دعا ٿي گھريائين تہ آسمان کُلي پيو 22#پيد 22‏:2، زب 2‏:7، يس 42‏:1، مت 3‏:17، مر 1‏:11، لو 9‏:35 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. تڏهن آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“
عيسيٰ مسيح جو شجرو
(متي 1‏:1‏-17)
23جڏهن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو 24۽ عيلي پٽ متات جو، متات پٽ لاويءَ جو، لاوي پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ ينا جو ۽ ينا پٽ يوسف جو، 25يوسف پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ عاموس جو، عاموس پٽ ناحوم جو، ناحوم پٽ اسلياہ جو ۽ اسلياہ پٽ نوگہ جو، 26نوگہ پٽ ماعت جو، ماعت پٽ متتياہ جو، متتياہ پٽ شمعيءَ جو، شمعي پٽ يوسيخ جو ۽ يوسيخ پٽ يوداہ جو، 27يوداہ پٽ يوحناہ جو، يوحناہ پٽ رسيا جو، رسيا پٽ زربابل جو، زربابل پٽ سيالتي‌ايل جو ۽ سيالتي‌ايل پٽ نيريءَ جو، 28نيري پٽ ملڪيءَ جو، ملڪي پٽ اديءَ جو، ادي پٽ قوسام جو، قوسام پٽ المودام جو ۽ المودام پٽ عير جو، 29عير پٽ يشوع جو، يشوع پٽ اليعزر جو، اليعزر پٽ يوريم جو، يوريم پٽ متات جو ۽ متات پٽ لاويءَ جو، 30لاوي پٽ شمعون جو، شمعون پٽ يهوداہ جو، يهوداہ پٽ يوسف جو، يوسف پٽ يونان جو ۽ يونان پٽ الياقيم جو، 31الياقيم پٽ ملي‌آہ جو، ملي‌آہ پٽ مناہ جو، مناہ پٽ متتاہ جو، متتاہ پٽ ناتن جو ۽ ناتن پٽ دائود جو، 32دائود پٽ يسيءَ جو، يسي پٽ عوبيد جو، عوبيد پٽ بوعز جو، بوعز پٽ سلمون جو ۽ سلمون پٽ نحسون جو، 33نحسون پٽ عمينداب جو، عمينداب پٽ ارنيءَ جو، ارني پٽ حصرون جو، حصرون پٽ فارص جو ۽ فارص پٽ يهوداہ جو، 34يهوداہ پٽ يعقوب جو، يعقوب پٽ اسحاق جو، اسحاق پٽ ابراهيم جو، ابراهيم پٽ تارح جو ۽ تارح پٽ نحور جو، 35نحور پٽ سروج جو، سروج پٽ رعو جو، رعو پٽ فلج جو، فلج پٽ عبر جو ۽ عبر پٽ سِلح جو، 36سِلح پٽ قينان جو، قينان پٽ ارفڪسد جو، ارفڪسد پٽ سِم جو، سِم پٽ نوح جو ۽ نوح پٽ لمڪ جو، 37لمڪ پٽ متوسلح جو، متوسلح پٽ حنوڪ جو، حنوڪ پٽ يارد جو، يارد پٽ مهلل‌ايل جو ۽ مهلل‌ايل پٽ قينان جو، 38قينان پٽ انوس جو، انوس پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم خدا جو فرزند هو.

Currently Selected:

لوقا 3: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in