2
عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ
(متي 1:18-25)
1يحيٰ جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪمنامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي شهنشاهت جي آدمشماري ڪئي وڃي. 2اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. 3تنهنڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ويو. 4جيئن تہ يوسف دائود جي نسل مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيتلحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو دائود جي ڄمڻ جو هنڌ هو، 5انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي، جيڪا پيٽ سان هئي. 6جڏهن هو بيتلحم ۾ هئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7هن پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.
ريڍار ۽ ملائڪ
8انهيءَ ئي علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ رهي پنهنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9تہ ڇا ڏسن تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ انهن وٽ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو سندن چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10تنهن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي. 11ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي. 12انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“
13اوچتو ريڍارن کي انهيءَ ملائڪ سان گڏ ٻين ملائڪن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ
14”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي
۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي،
جن کان هو راضي آهي.“
15جڏهن ملائڪ انهن وٽان موٽي آسمان ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيتلحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“ 16تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو. 17هي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اهي ڳالهيون ٻڌائڻ لڳا جيڪي ملائڪ کان ٻڌيون هئائون. 18ريڍارن جون اهي ڳالهيون جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا، 19جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجيءَ دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20پوءِ ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنهن تي خدا جي حمد وَ ثنا ڪندي موٽي ويا، ڇاڪاڻ تہ هنن اهو سڀ ائين ئي ڏٺو هو جيئن ملائڪ کين ٻڌايو هو.
عيسيٰ مسيح جو نالو رکجڻ
21 #
لاو 12:3، لو 1:31 اٺين ڏينهن تي جڏهن ٻار جي طهر جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو هن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو هو.
عيسيٰ مسيح کي هيڪل ۾ آڻڻ
22 #
لاو 12:2-8
ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت خداوند جي ڏنل شريعت موجب جڏهن مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ خداوند جي آڏو حاضر ڪيائون، 23#خر 13:2،12 ڇاڪاڻ تہ شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”هر ڪو پهريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ 24#لاو 12:8 اهي شريعت موجب مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني بہ کڻي آيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“
25تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري. 26پاڪ روح کيس آگاهہ ڪيو هو تہ جيستائين هو خداوند جي واعدي ڪيل مسيح کي نہ ڏسندو، تيستائين ڪين مرندو. 27پاڪ روح جي هدايت تي شمعون انهيءَ ڏينهن تي هيڪل ۾ آيو. جڏهن ٻارڙي عيسيٰ جا ماءُ پيءُ کيس شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ کڻي آيا، 28تڏهن شمعون ٻارڙي کي پنهنجي هٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ
29”اي مالڪ! هاڻي تون پنهنجي واعدي موجب
مون پنهنجي ٻانهي کي سلامتيءَ سان دنيا مان روانو ڪر،
30ڇاڪاڻ تہ منهنجي اکين
تنهنجو ڇوٽڪارو ڏسي ورتو آهي،
31جنهن کي تو سڀني قومن اڳيان پڻ ظاهر ڪيو آهي،
32 #
يس 42:6، 49:6، 52:10 يعني غير قومن واسطي
تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي،
۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“
33ٻار جا ماءُ پيءُ حيران هئا تہ انهيءَ بابت شمعون ڇا ڇا نہ پئي چيو! 34پوءِ شمعون انهن لاءِ برڪت گھري ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو خدا جي طرفان تنبيهہ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا، 35جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“
36-37آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا هڪ نبياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي عورت هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رهي ۽ پوءِ رنزال ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن روزا رکڻ ۽ دعائون گھرڻ سان عبادت پئي ڪندي هئي. 38اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.
ناصرت ڏانهن واپسي
39 #
مت 2:23
عيسيٰ جي ماءُ پيءُ جڏهن موسيٰ جي معرفت خداوند کان مليل شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا. 40پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس خدا جي فضل جي نظر هئي.
ننڍپڻ ۾ عيسيٰ مسيح جو هيڪل ۾ وڃڻ
41 #
خر 12:1-27، شر 16:1-8 عيسيٰ جا ماءُ پيءُ هر سال #2:41 عيد فصح ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”عيد فصح.“عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا. 42جڏهن عيسيٰ ٻارهن سالن جو ٿيو تہ اهي دستور موجب عيد فصح تي اوڏانهن ويا ۽ عيسيٰ ساڻن گڏ هو. 43جڏهن عيد جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار عيسيٰ يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماءُ پيءُ کي اها خبر ئي نہ پيئي. 44انهن سمجھيو پئي تہ هو قافلي سان آهي، سو انهن سڄو ڏينهن سفر ڪيو ۽ پوءِ عيسيٰ کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. 45جڏهن انهن کيس نہ لڌو تہ هو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. 46ٽئين ڏينهن تي هنن عيسيٰ کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي عالمن سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. 47جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا. 48سندس ماءُ پيءُ کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماءُ چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“ 49تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي خبر نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ هوندس؟“ 50پر اهي سندس اها ڳالهہ سمجھي نہ سگھيا.
51پوءِ عيسيٰ انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماءُ هي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيون. 52#1.سم 2:26، چوڻ 3:4 عيسيٰ جسم توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس خدا ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو.