اهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ جي هيءَ لکت پوري ٿي تہ
”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو.
هائو، هن جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.
ائين ڪرڻ سان سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي،
۽ هر هڪ جبل ۽ ٽڪري هموار ڪئي ويندي.
هائو، ڏنگا رستا سڌا ٿيندا
۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنئيون ٿينديون.
تڏهن ئي سڄي انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“