YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 4

4
عيسيٰ مسيح جي آزمائش
(متي 4‏:1‏-11، مرقس 1‏:12‏-13)
1‏-2 عيسيٰ اردن درياءَ کان پاڪ روح سان ڀريل موٽيو ۽ پاڪ روح جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي ابليس هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي.
3تڏهن ابليس چيس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هن پٿر کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.“ 4#شر 8‏:3 پر عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي ئي جيئرو نہ ٿو رهي.‘“
5پوءِ ابليس کيس هڪ مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون ڏيکاريائينس. 6ابليس چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان. 7سو جيڪڏهن تون مون کي سجدو ڪندين تہ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ٿيندو.“ 8#شر 6‏:13 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“
9تنهن کان پوءِ ابليس کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، 10#زب 91‏:11 ڇاڪاڻ تہ اهو بہ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنهنجي سنڀال ڪندا. 11#زب 91‏:12 اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ 12#شر 6‏:16 پر عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“ 13پوءِ جڏهن ابليس عيسيٰ کي هر طرح سان آزمائي چڪو، تڏهن ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس هليو ويو.
عيسيٰ مسيح جو خدمت وارو ڪم شروع ڪرڻ
(متي 4‏:12‏-17، مرقس 1‏:14‏-15)
14پوءِ عيسيٰ جيڪو پاڪ روح جي طاقت سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي. 15هن عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراهہ ڪئي.
ناصرت ۾ عيسيٰ مسيح جي مخالفت
(متي 13‏:53‏-58، مرقس 6‏:1‏-6)
16پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. #4‏:16 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص عبادت جو ڏينهن هوندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو عبادت‌خاني ۾ ويو ۽ پاڪ ڪلام پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو. 17کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ
18 # يس 61‏:1‏-2 خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي،
ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ
هن مون کي مخصوص ڪيو آهي.
هن مون کي موڪليو آهي تہ
قيدين جي رهائيءَ،
۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان،
۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،
19۽ اهو بہ اعلان ڪريان تہ
خداوند جي مهربانين جو سال آيو آهي.“
20پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري موٽائي خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. عبادت‌خاني ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون. 21تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“ 22سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا مهر ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“ 23تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘ 24#يو 4‏:44 سچ پڇو تہ ڪنهن بہ نبيءَ جو پنهنجي ديس ۾ قدر نہ ٿو ٿئي. 25#1.با 17‏:1 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ الياس نبيءَ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آسمان مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي رنون‌زالون هيون، 26#1.با 17‏:8‏-16 تنهن هوندي بہ الياس کي پنهنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انهن مان ڪنهن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارپت شهر ۾ رهندڙ هڪ رن‌زال وٽ ئي موڪليو ويو. 27#2.با 5‏:1‏-14 ساڳيءَ طرح اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ شفا ڪانہ ڏني ويئي، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي شفاياب ڪيو ويو.“ 28تڏهن جيڪي بہ عبادت‌خاني ۾ موجود هئا، سي سڀ اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي ڏاڍا ڪاوڙيا. 29هو هڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گهلي شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. پوءِ جنهن ٽڪريءَ تي سندن شهر اڏيل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ جيئن اتان هيٺ اڇلائينس. 30پر هو انهن جي وچ مان لنگھي هليو ويو.
ڀوت ورتل ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ
(مرقس 1‏:21‏-28)
31ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شهر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينهن تي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 32#مت 7‏:28‏-29 سڀيئي ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو. 33عبادت‌خاني ۾ هڪ اهڙو ماڻهو بہ هو جنهن تي ڪنهن ڀوت جو پاڇو هو، تنهن وڏي رڙ ڪري چيو تہ 34”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون خدا جي هڪ پاڪ هستي آهين.“ 35تنهن تي عيسيٰ کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو. 36اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“ 37تڏهن آس‌پاس واري علائقي ۾ جتي ڪٿي عيسيٰ جي هاڪ پئجي ويئي.
گھڻن ماڻهن کي شفا ڏيڻ
(متي 8‏:14‏-17، مرقس 1‏:29‏-34)
38عيسيٰ عبادت‌خاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار هو، سو اُنهيءَ لاءِ کيس عرض ڪيو ويو. 39تڏهن عيسيٰ وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي خدمت ڪرڻ لڳي.
40سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. عيسيٰ انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. 41ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر عيسيٰ انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.
عبادت‌خانن ۾ تبليغ ڪرڻ
(مرقس 1‏:35‏-39)
42جڏهن ڏينهن ٿيو تہ عيسيٰ نڪري هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن هليو ويو. پر ماڻهن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ روڪيندي چوڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“ 43پر هن انهن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٻين شهرن ۾ بہ ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آهيان.“ 44سو هو سڄي ملڪ جي عبادت‌خانن ۾ وڃي تبليغ ڪندو رهيو.

Currently Selected:

لوقا 4: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in