18
يٿرو ۽ موسيٰ جي ملاقات
1 موسيٰ جي سهري يٿرو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو، تنهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيئن خداوند بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. 2#خر 2:21-22 تڏهن موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال صفورہ کي ساڻ ڪري وٽس آيو، جنهن کي اڳي ئي پيڪن ڏانهن موڪليو ويو هو. 3#رس 7:29 هن سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ کنيو. انهن مان هڪڙي جو نالو، موسيٰ هي چوندي #18:3 ”جيرشوم“ هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڌاريو.“”جيرشوم“ رکيو هو تہ ”آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان.“ 4هن ٻئي پٽ جو نالو #18:4 ”اليعزر“ هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا منهنجو مددگار.“”اليعزر“ هي چئي رکيو هو تہ ”منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار ٿيو آهي ۽ هن مون کي فرعون جي تلوار کان بچايو آهي.“
5 موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي موسيٰ وٽ انهيءَ بيابان ۾ آيو جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪيو لٿو پيو هو. 6هن موسيٰ ڏانهن چوائي موڪليو هو تہ ”آءٌ تنهنجو سهرو يٿرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجي پٽن سميت تو وٽ اچي رهيو آهيان.“ 7تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جھڪي نياز سان هن کي چميائين. ٻنهي هڪٻئي جي خيرعافيت پڇي، پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا. 8موسيٰ سمورو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند بني اسرائيل خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. هن کيس اهو بہ ٻڌايو تہ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون ۽ ڪيئن خداوند کين بچايو. 9يٿرو خداوند جي انهن ڀلاين جي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، جيڪي هن بني اسرائيل سان ڪيون ۽ کين مصرين جي هٿان ڇڏايو. 10سو هن چيو تہ ”سڳورو آهي خداوند، جنهن اوهان کي فرعون ۽ مصرين جي هٿان ڇڏايو. سڳورو آهي خداوند، جنهن پنهنجي قوم کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو، 11جڏهن مصرين انهيءَ ڳالهہ ۾ مغروريءَ سان بني اسرائيل جي برخلاف ڪم ٿي ڪيو. هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي.“ 12پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا.
جج مقرر ڪرڻ
(شريعت جو دور 1:9-18)
13ٻئي ڏينهن موسيٰ ماڻهن جا فيصلا ڪرڻ ويٺو ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين سندس چوڌاري بيٺا رهيا. 14جڏهن موسيٰ جي سهري اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو جيڪو موسيٰ ماڻهن لاءِ ڪيو، تڏهن چيائينس تہ ”تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ تون ڇو پاڻ اڪيلو ئي ويهين ٿو ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين تنهنجي چوڌاري بيٺا آهن؟“
15 موسيٰ پنهنجي سهري کي وراڻيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ماڻهو خدا جي مرضيءَ بابت پڇاڳاڇا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن. 16تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جھيڙو ٿو ٿئي تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن. آءٌ انهن ٻنهي جو فيصلو ٿو ڪريان ۽ کين خدا جي قاعدن قانونن مان واقف ٿو ڪريان.“
17تڏهن موسيٰ جي سهري کيس چيو تہ ”اهو ڪم تون صحيح طريقي سان نہ ٿو ڪرين. 18ائين تہ تون پاڻ ۽ هي ماڻهو، جيڪي تو سان آهن، سي سڀ ضرور ٿڪجي پوندا. هي ڪم تنهنجي لاءِ تمام ڳؤرو آهي، تون اڪيلي سر اهو ڪري ڪين سگھندين. 19هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ تو کي سٺي صلاح ٿو ڏيان، تہ جيئن خدا تو ساڻ هجي. تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن عيوضي ٿي ويندو ڪر ۽ انهن جا سڀ معاملا خدا جي آڏو پيش ڪندو ڪر. 20انهيءَ سان گڏ تون ڀلي هنن کي خدا جي حڪمن ۽ فيصلن جي باري ۾ سيکار. جنهن رستي تي کين هلڻ گھرجي ۽ جيڪو ڪم کين ڪرڻ گھرجي، سو سيکارين. 21انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر. 22پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهن. انهن کي گھرجي تہ منجھيل فيصلا هو تو وٽ آڻين ۽ سولا فيصلا پاڻ هلائين. ائين ڪرڻ سان تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا. 23جيڪڏهن تون اهڙيءَ طرح ڪم ڪندين جيئن خدا تو کي حڪم ڏئي ٿو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح پنهنجيون ذميواريون برداشت ڪري سگھندين ۽ هي سڀ ماڻهو بہ اطمينان سان پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا.“
24سو موسيٰ پنهنجي سهري جي ڳالهہ مڃي ۽ جيئن هن چيو هئس تيئن ئي ڪيائين. 25موسيٰ سڄي بني اسرائيل منجھان لائق ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن مان هر هڪ کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن يا ڏهن ڏهن ماڻهن تي حاڪم مقرر ڪيائين. 26اهي ماڻهن جا فيصلا ڪندا رهندا هئا. منجھيل فيصلو موسيٰ وٽ آڻيندا هئا ۽ سولو فيصلو هو پاڻ ڪندا هئا. 27پوءِ موسيٰ پنهنجي سهري کي موڪل ڏني ۽ هو پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ٿي ويو.