19
سينا جبل تي خدا جو لهي اچڻ
1بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري ٽئين مهيني جي پهرئين ڏينهن تي سينا جي بيابان ۾ آيا. 2هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا هئا ۽ اتي ئي جبل جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا. 3پوءِ موسيٰ خدا سان ملڻ لاءِ مٿي جبل تي چڙهي ويو. خداوند جبل تان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ ”تون يعقوب جي خاندان يعني بني اسرائيل کي هيئن چئُہ تہ 4’اوهان ڏٺو تہ مون خداوند مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. جيئن ڪو عقاب پنهنجي ٻچي کي پرن تي کڻندو آهي، تيئن اوهان کي اتان کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم. 5#شر 4:20، 7:6، 14:2، 26:18، طيط 2:14 #1.پط 2:9 هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين سڀني قومن منجھان منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا. جيتوڻيڪ سڄي دنيا منهنجي آهي، 6#مڪا 1:6، 5:10 پر اوهين منهنجي لاءِ مخصوص ٿيلن جي هڪ بادشاهت ۽ منهنجي لاءِ وقف ٿيل قوم ٿيندا.‘ اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.“
7تڏهن موسيٰ هيٺ لهي آيو ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏي، جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون هئس، سي سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائين. 8تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني تہ ”جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين.“ موسيٰ ماڻهن جو اهو جواب خداوند کي ٻڌائڻ ويو. 9اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.
10پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن. 11ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا. 12#عبر 12:18-20 تون ماڻهن جي لاءِ جبل جي چوڌاري حد مقرر ڪري، انهن کي چئُہ تہ ’خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو انهيءَ حد کان لنگھي جبل تي نہ چڙهي، نڪي جبل جي ڪناري کي ڇهي. جيڪو بہ جبل کي ڇهندو، سو ضرور ماريو ويندو.‘ 13سو جيڪو ائين ڪري تنهن کي سنگسار ڪيو وڃي، يا تيرن سان ماريو وڃي، پر کيس هٿ بلڪل نہ لاتو وڃي، پوءِ اهو حيوان هجي توڙي انسان، تنهن کي جيئرو نہ ڇڏيو وڃي. پر جڏهن نفيل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي تڏهن انهن کي جبل وٽ اچڻ جي اجازت آهي.“ 14پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ انهن کي پاڪ ڪيائين. سو هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا. 15موسيٰ ماڻهن کي هي بہ چيو تہ ”ٽئين ڏينهن تائين تيار ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو عورت جي ويجھو نہ وڃي.“
16 #
مڪا 4:5
#شر 4:11-12 جڏهن ٽئين ڏينهن جو صبح ٿيو تہ گجگوڙ ٿيڻ لڳي ۽ وڄ چمڪڻ لڳي. پوءِ هڪڙو گھاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو ۽ نفيل جو اهڙو تہ تمام وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو خيميگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا. 17تڏهن موسيٰ ماڻهن کي خدا سان ملائڻ لاءِ خيمن کان ٻاهر وٺي آيو ۽ اهي جبل جي پاڙ ۾ اچي بيٺا. 18سڄو سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند باهہ جي وچ ۾ انهيءَ تي لٿو. اهو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ سڄو جبل زور سان ڌڏڻ لڳو. 19نفيل جو آواز جيئن پوءِ تيئن وڌندو ٿي ويو. موسيٰ ڳالهايو ٿي ۽ خدا گجگوڙ سان جواب ٿي ڏنو. 20پوءِ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي لهي آيو ۽ موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيائين. سو موسيٰ مٿي چڙهي ويو. 21تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ مون کي ڏسڻ لاءِ حد نہ اورانگھين، نہ تہ انهن مان گھڻا مري ويندا. 22مذهبي اڳواڻ بہ، جيڪي مون وٽ اچن ٿا سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“ 23تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”ماڻهو جبل تي چڙهي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ تو اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’جبل جي چوڌاري حد مقرر ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کي پاڪ رکو.‘“ 24خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي هارون کي پاڻ سان مٿي وٺي اچ. پر مذهبي اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻهو حد اورانگھي مون وٽ مٿي نہ اچن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“ 25سو موسيٰ هيٺ لهي ماڻهن وٽ آيو ۽ اهي ڳالهيون کين ٻڌايائين.