17
ٽڪريءَ مان پاڻي نڪرڻ
(ڳاڻاٽو 20:1-13)
1پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم سين جي بيابان مان رواني ٿي ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو. 2تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا ۽ چيائونس تہ ”اسان کي پاڻي ڏي تہ پيئون.“ تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو؟ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟“ 3پر ماڻهو تمام اڃايل هئا، تنهنڪري موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”تو اسان کي مصر کان هتي انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا تہ اسين، اسان جا ٻار ۽ اسان جو چوپايو مال اُڃ جي ڪري مرون؟“ 4تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ اهي تہ مون کي ذري گھٽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.“
5 خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”بني اسرائيل جي ڪجھہ اڳواڻن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي اها لٺ، جيڪا تو نيل درياءَ تي هنئي هئي، سا بہ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ماڻهن جي اڳيان ٿي هل. 6آءٌ اتي سينا جبل جي ڀرسان ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيٺو هوندس. تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻجانءِ تہ انهيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نڪرندو.“ سو موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن جي روبرو ائين ئي ڪيو. 7انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو #17:7 مساہ ۽ مريباہ عبراني لفظ آهن جن مان مساہ جي معنيٰ آهي ”آزمائيندي“ ۽ مريباہ جي معنيٰ آهي ”جھيڙو ڪندي.“مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“
عماليقين تي فتح
8اهي اڃا رفيديم ۾ ئي هئا تہ عماليق قوم وارا آيا ۽ بني اسرائيل سان اچي جنگ ڪيائون. 9موسيٰ يشوع کي چيو تہ ”اسان مان ڪجھہ ماڻهو چونڊي ڪڍ ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيهندس.“ 10سو يشوع ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ حڪم ڏنو هئس. هن وڃي عماليقين سان ويڙهہ ڪئي. انهيءَ مهل موسيٰ، هارون ۽ حور ٽڪر جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا. 11جيستائين موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي کنيو ٿي رهيو، تيستائين بني اسرائيل غالب پئي ٿيا، پر جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب پئي ٿيا. 12سو جڏهن موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا، تڏهن هارون ۽ حور هڪڙو پٿر کڻي آيا ۽ موسيٰ انهيءَ تي ويهي رهيو. پوءِ هو ٻئي سندس هٿ جھلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان. اهڙيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي رهيا. 13تنهنڪري عماليقين کي يشوع تلوار جي ڌار سان شڪست ڏني.
14 #
شر 25:17-19، 1.سم 15:2-9 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ فتح جو احوال لکي ڇڏ ۽ يشوع کي ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ عماليقين جو نالو نشان هن دنيا مان مِٽائي ڇڏيندس.“ 15اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ بڻائي، جنهن جو نالو ”خداوند منهنجو جھنڊو“ رکيائين. 16موسيٰ چيو تہ ”عماليقين خداوند جي تخت جي برخلاف هٿ کنيو هو، سو خداوند ساڻن پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.“