16
مَنَ ۽ ٻٽيرا
1پوءِ بني اسرائيل جي سڄي قوم ايليم مان رواني ٿي. مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ اهي ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ تي سين جي بيابان ۾ اچي پهتا، جيڪو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي. 2اُتي بيابان ۾ اهي سڀ موسيٰ ۽ هارون جي خلاف ڪرڪڻ لڳا. 3کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪر اسين مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو، جتي اسين گوشت جي ديڳڙن وٽ ويهندا ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا هئاسين. اوهين تہ اسان کي هن رڻپٽ ۾ انهيءَ لاءِ وٺي آيا آهيو تہ هن سڄي قوم کي بکن ۾ ماريو.“
4 #
يو 6:31
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ اوهان سڀني لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس. ماڻهو هر روز ٻاهر نڪري، رڳو هڪڙي هڪڙي ڏينهن جو حصو گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي حڪمن تي هلن ٿا يا نہ. 5ڇهين ڏينهن تي هو روزاني کان ٻيڻو آڻي تيار ڪندا.“
6تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اڄ شام جو اوهان کي معلوم ٿيندو تہ اهو خداوند ئي هو جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. 7صبح جو اوهين خداوند جو جلوو ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي خلاف اوهان جون شڪايتون ٻڌيون آهن. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون جو اوهين اسان جي خلاف ڪُرڪو ٿا؟“ 8موسيٰ وڌيڪ چين تہ ”شام جي وقت خداوند اوهان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو ۽ صبح جو ڍءُ تي ماني ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند جي خلاف جيڪي شڪايتون ڪريو ٿا سي هو ٻڌي ٿو. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي خلاف نہ پر خداوند جي خلاف آهي.“
9پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”بني اسرائيل جي سڄي قوم کي چئُہ تہ ’اوهين خداوند وٽ اچي حاضر ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان جي شڪايت ٻڌي آهي.‘“ 10جڏهن هارون بني اسرائيل قوم کي ائين چئي رهيو هو، تڏهن انهن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو ڪڪر ۾ کين خداوند جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو. 11انهيءَ وقت خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندي فرمايو تہ 12”مون بني اسرائيل جون شڪايتون ٻڌيون آهن. تون هنن کي چئُہ تہ شام جي وقت اوهين گوشت کائيندا ۽ صبح جو اوهان کي ڍءَ تي ماني ملندي. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
13جڏهن شام جو وقت ٿيو تہ ايترا تہ ٻٽيرا اڏامندا آيا جو خيميگاهہ کي ڍڪي ڇڏيائون. صبح جي وقت خيميگاهہ جي آسپاس ماڪ پيئي هئي. 14جڏهن ماڪ گم ٿي ويئي، تڏهن ڇا ڏسن تہ بيابان ۾ هڪڙي سنهي گول گول شيءِ، پاري جي داڻن جهڙي زمين تي پيئي آهي. 15#1.ڪر 10:3 جڏهن بني اسرائيل اها ڏٺي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڇا آهي؟“ ڇاڪاڻ تہ انهن کي خبر ڪانہ هئي تہ اهو ڇا آهي. تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”هيءَ اها ماني آهي جيڪا خداوند اوهان کي کائڻ جي لاءِ ڏني آهي. 16سو خداوند جو حڪم هي آهي تہ اوهان مان هر ڪو ڄڻو اها پنهنجي کائڻ جيتري گڏ ڪري، يعني جيترا ڀاتي تنبوءَ ۾ آهن، تن جي شمار موجب، هر هڪ ڄڻي واسطي #16:16 ٻہ ڪلوگرام عبرانيءَ ۾ هڪ ”عومر“ لکيل آهي جيڪو اٽڪل ٻن ڪلوگرامن جي برابر آهي.ٻہ ڪلوگرام گڏ ڪري.“
17بني اسرائيل ائين ئي ڪيو. پر انهن مان ڪن گھڻي ۽ ڪن ٿوري گڏ ڪئي. 18#2.ڪر 8:15 جڏهن هنن اها اٽڪل ٻہ ڪلوگرام واري ماپي سان ماپي ڏٺي، تڏهن جنهن گھڻو گڏ ڪيو هو تنهن وٽ وڌيڪ نہ بچيو ۽ جنهن ٿورو گڏ ڪيو هو تنهن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي کائڻ جيترو گڏ ڪيو. 19موسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڪوبہ ڄڻو انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکي.“ 20پر انهن مان ڪن موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي ۽ صبح تائين انهيءَ مان ڪجھہ بچائي رکيائون. صبح جو انهيءَ ۾ ڪينئان پئجي ويا ۽ اها ڪني ٿي ويئي. تڏهن موسيٰ انهن تي ڏاڍو ناراض ٿيو. 21پوءِ هر ڪو ڄڻو روزانو صبح جو اها پنهنجي کائڻ جيتري کڻي گڏ ڪندو هو. جڏهن تکي اُس نڪرندي هئي، تڏهن جيڪا زمين تي بچيل هوندي هئي سا ڳري ويندي هئي.
22ڇهين ڏينهن انهن ٻيڻي ماني گڏ ڪئي، يعني هر هڪ لاءِ چار چار ڪلوگرام. پوءِ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن اچي موسيٰ کي اها خبر ڏني. 23#خر 20:8-11 تڏهن موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند جو حڪم اهو ئي آهي تہ سڀاڻي خاص آرام جو ڏينهن يعني خداوند جو پاڪ سبت آهي. اوهان کي اڄ جيڪي پچائڻو آهي سو پچايو ۽ جيڪي رڌڻو آهي سو رڌيو. جيڪي بہ باقي بچي پوي سو سڀاڻي لاءِ رکي ڇڏيو.“ 24سو جيئن موسيٰ کين چيو هو تيئن هنن ٻئي ڏينهن تائين اها بچائي رکي. اها نڪي خراب ٿي، نڪي منجھس ڪينئان پيا. 25موسيٰ چيو تہ ”اڄ اها ئي بچيل ماني کائو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند جو سبت آهي، تنهنڪري اڄ اها ماني اوهان کي ميدان ۾ ڪونہ ملندي. 26ڇهہ ڏينهن اوهين اها ماني گڏ ڪندا، پر ستين ڏينهن سبت جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اها ڪانہ هوندي.“
27ستين ڏينهن ڪي ماڻهو اها گڏ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا، پر ڪجھہ بہ نہ لڌائون. 28تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”ڪيستائين اوهين منهنجي حڪمن ۽ منهنجي فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندا؟ 29ياد رکو، تہ مون خداوند، اوهان کي سبت جو ڏينهن ڏنو آهي. تنهنڪري آءٌ ڇهين ڏينهن هميشہ اوهان کي ٻن ڏينهن جي ماني ڏيندس. اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي گھر ۾ رهي. ستين ڏينهن ڪوبہ ماڻهو پنهنجي گھر کان ٻاهر نہ نڪري.“ 30تنهنڪري ستين ڏينهن ماڻهن آرام ڪيو.
31 #
ڳا 11:7-8
بني اسرائيل انهيءَ مانيءَ جو نالو #16:31 ”مَنَ“ هن لفظ جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”هي ڇا آهي؟“”مَنَ“ رکيو. اها ڌاڻن جي ٻج جهڙي ۽ اڇي هئي ۽ انهيءَ جو سواد ماکيءَ سان ٺاهيل بسڪوٽن جهڙو هو. 32موسيٰ چيو تہ ”خداوند هي حڪم ڏنو آهي تہ ’انهيءَ مان ٻہ ڪلوگرام ڀري پنهنجين پيڙهين جي لاءِ رکي ڇڏيو، تہ ڀلي هو ڏسن تہ جڏهن مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، تڏهن بيابان ۾ مون اوهان کي اها ماني کارائي.‘“ 33#عبر 9:4 پوءِ موسيٰ هارون کي بہ چيو تہ ”هڪڙو ٿانءُ کڻي، انهيءَ ۾ مَنَ جا ٻہ ڪلوگرام ڀري وجھہ ۽ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي رک تہ اهو اوهان جي پيڙهين لاءِ محفوظ رکيو هجي.“ 34سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هارون اهو عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رکيو، تہ جيئن اهو حفاظت سان رکيو هجي. 35#يش 5:12 بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.
36انهن ڏينهن ۾ ٻہ ڪلوگرام وزن کي عومر چوندا هئا، جيڪو ماپ جي لحاظ کان هڪڙي عيفا جو ڏهون حصو هو.