YouVersion Logo
Search Icon

خروج 15

15
موسيٰ جو فتح جو گيت ڳائڻ
1 # مڪا 15‏:3 ان وقت موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن خداوند جي شان ۾ هي گيت ڳايو تہ
”آءٌ خداوند جو حمد وَ ثنا ڳائيندس،
ڇاڪاڻ تہ هن وڏي شاندار فتح ماڻي آهي،
هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.
2 # زب 118‏:14، يس 12‏:2 منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي،
هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي.
آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي،
بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي،
آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.
3 خداوند جنگ جو سورهيہ آهي،
سندس ئي نالو خداوند آهي.
4هن فرعون جي لشڪر ۽ گاڏين کي
ڳاڙهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو،
ساڻس گڏ انهيءَ جا چونڊ فوجي سالار بہ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا.
5سمنڊ جي اونهاين انهن کي ڍڪي ڇڏيو،
اهي پٿر وانگر هيٺ سمنڊ جي تري ۾ وڃي پيا.
6اي خداوند! تنهنجو هٿ طاقت ۾ اعليٰ آهي،
اي خداوند! تنهنجي زورآور هٿ دشمن کي
ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو.
7تو پنهنجي وڏيءَ عظمت سان مخالفن کي برباد ڪيو،
تو مٿن پنهنجو غضب نازل ڪيو،
جنهن کين ائين ساڙي ڇڏيو جيئن بُهہ ساڙيو ويندو آهي.
8تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو،
۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو.
هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.
9دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس،
۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس.
پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘
10تڏهن اي خداوند! تو پنهنجو واءُ گھُلايو
تہ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو.
اهي زور واري پاڻيءَ اندر شيهي وانگر غرق ٿي ويا.
11اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟
پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟
حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟
12جڏهن تو پنهنجو زورآور هٿ هنن مٿان ڊگھيريو هو،
تڏهن تنهنجي دشمنن کي ڌرتي ڳهي ويئي هئي.
13جن کي تو ڇڏايو هو تن جي تو دائمي ٻاجھہ سان رهبري ڪئي،
تو پنهنجي طاقت سان کين پنهنجي مقدس جاءِ اندر پهچايو.
14فرعون جي حشر بابت ٻڌي قومون خوف وچان ڏڪي ويون،
فلستيءَ جي رهاڪن کي پڻ ڊپ جي عذابن آڻي وڪوڙيو.
15 # 15‏:15 ادوم ۽ موآب اهي علائقا ڪنعان ملڪ جي اوڀر ۾ هئا. ادوم جي اڳواڻن کي پڻ دهشت اچي ورتو،
موآبي اڳواڻن کي بہ بيحد ڏڪڻيءَ اچي ورايو،
۽ ڪنعان جو هر ڪو رهاڪو همت هاري ويٺو.
16هائو، انهن سڀني تي خوف ۽ دهشت اچي ڪڙڪي.
تنهنجي قدرت جي حشمت ڏسي اهي پٿر جا بت بڻجي ويا،
جيستائين اي خداوند!
تنهنجي ڇڏايل قوم وٽانئن لنگھي نہ ويئي.
17اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي آڻي
پنهنجي انهيءَ چونڊيل پهاڙ تي وڻ وانگر پوکيندين،
جيڪو تو پنهنجي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي.
هائو، اي مالڪ! اها مقدس جاءِ تنهنجي هٿن تيار ڪئي آهي.
18بيشڪ اي خداوند! ازل کان ابد تائين،
رڳو تنهنجي بادشاهي آهي.“
مريم جو گيت
19سو بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. پر جڏهن فرعون جون گھوڙي گاڏيون، گھوڙن ۽ سوارن سميت سمنڊ ۾ گھڙي ويون، تڏهن خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو. 20تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون. 21مريم هنن جي گيت جي جواب ۾ هي ڳايو تہ
”اوهين خداوند جو حمد وَ ثنا ڳايو،
ڇاڪاڻ تہ هن جلال واري فتح ماڻي آهي،
هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.“
ڪؤڙو پاڻي
22پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي ڳاڙهي سمنڊ کان پرتي وٺي هليو ۽ هو شور جي بيابان ۾ آيا. هو ٽن ڏينهن تائين بيابان ۾ پنڌ ڪندا رهيا پر پاڻي ڪٿي بہ نہ ملين. 23پوءِ هو هڪ جاءِ تي اچي پهتا، پر اُتان جو پاڻي پي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪؤڙو هو. انهيءَ ڪري ان جاءِ جو نالو #15‏:23 ”مارہ“ عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪؤڙو.“”مارہ“ پئجي ويو. 24تڏهن ماڻهو موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسين ڇا پيئون؟“ 25تنهن تي موسيٰ مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏايو. خداوند کيس هڪڙو وڻ ڏيکاريو، جنهن کي هن پاڻيءَ ۾ وڌو تہ اهو مٺو ٿي پيو.
اُتي خداوند هنن جي رهڻ لاءِ قاعدا قانون بڻايا ۽ اتي ئي کين آزمايائين. 26خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“
27پوءِ هو ايليم ۾ اچي پهتا، جتي ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا. اُتي ئي پاڻيءَ جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا.

Currently Selected:

خروج 15: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in