کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪر اسين مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو، جتي اسين گوشت جي ديڳڙن وٽ ويهندا ۽ پيٽ ڀري ماني کائيندا هئاسين. اوهين تہ اسان کي هن رڻپٽ ۾ انهيءَ لاءِ وٺي آيا آهيو تہ هن سڄي قوم کي بکن ۾ ماريو.“
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ اوهان سڀني لاءِ مانين جو مينهن وسائيندس. ماڻهو هر روز ٻاهر نڪري، رڳو هڪڙي هڪڙي ڏينهن جو حصو گڏ ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ کين آزمايان تہ هو منهنجي حڪمن تي هلن ٿا يا نہ.