انهيءَ سان گڏ تون ڀلي هنن کي خدا جي حڪمن ۽ فيصلن جي باري ۾ سيکار. جنهن رستي تي کين هلڻ گھرجي ۽ جيڪو ڪم کين ڪرڻ گھرجي، سو سيکارين. انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.