8
يسوع مسيح سان گڏ هلندڙ سيوڪ ناريون
1تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو يسوع شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن چيلا بہ ساڻس گڏ هئا. 2#مت 27:55-56، مر 15:40-41، لو 23:49 ڪي ناريون بہ ساڻس گڏ هيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، جن ۾ مريم، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي هئي جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا، 3يوعانا، جيڪا راجا هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي پتني هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ناريون هيون جن پنهنجي مالمتاع سان يسوع ۽ سندس ٻارهن چيلن جي سيوا پئي ڪئي.
ٻج ڇٽڻ جو مثال
(متي 13:1-9، مرقس 4:1-9)
4جڏهن شهر شهر جا ماڻهو يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا تہ هڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ هڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ 5”هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جيڪي لتاڙجي ويا ۽ پکي انهن کي چُڳي ويا. 6ڪي داڻا وري ٽڪريلي زمين تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇو تہ انهن تائين پاڻي ڪونہ پهتو هو. 7ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جيڪي انهن سان گڏ اُڀريا تن انهن کي اُسرڻ نہ ڏنو. 8ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون.“ اهي ڳالهيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“
مثالن ۾ سکيا ڏيڻ جو مقصد
(متي 13:10-17، مرقس 4:10-12)
9يسوع کان سندس چيلن پڇيو تہ ”هن مثال جو مطلب ڇا آهي؟“ 10#يس 6:9-10 تنهن تي هن چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آهي تہ اهي نهاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“
ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
(متي 13:18-23، مرقس 4:13-20)
11”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي ايشور جي راڄ جو سنديش. 12جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا، پوءِ شيطان اچي انهيءَ سنديش کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي وشواس آڻي بچي وڃن. 13ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت وشواس آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن. 14جيڪي ڪانڊيرن واري زمين ۾ ڪريا سا زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن تہ ٿا پر هلندي هلندي جيون جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو. 15پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي سنديش ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“
ڏيئي جو مثال
(مرقس 4:21-25)
16 #
مت 5:15، لو 11:33 ”اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي هيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي. 17#مت 10:26، لو 12:2 مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جنهن جي سڌ نہ پوندي ۽ جيڪا ظاهر نہ ٿيندي.
18 #
مت 25:29، لو 19:26 تنهنڪري منهنجي چيل ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو، ڇو تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جنهن کي هو پنهنجو سمجھي ٿو.“
يسوع مسيح جي ماتا ۽ ڀائر ڪير؟
(متي 12:46-50، مرقس 3:31-35)
19هڪڙي دفعي يسوع جي ماتا ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگھيا. 20تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماتا ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“ 21يسوع انهن کي چيو تہ ”منهنجي ماتا ۽ منهنجا ڀائر اهي آهن، جيڪي ايشور جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪن ٿا.“
طوفان کي بند ڪرڻ
(متي 8:23-27، مرقس 4:35-41)
22هڪڙي ڏينهن يسوع پنهنجي چيلن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا. 23جيئن هو هليا پئي تہ يسوع کي ننڊ وٺي ويئي. تڏهن ڍنڍ تي ڏاڍو طوفان اچي لٿو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي جنهن ڪري انهن جي جان خطري ۾ پئجي ويئي. 24تڏهن انهن يسوع کي جاڳائيندي چيو تہ ”گرو! اي گرو! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي. 25تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو وشواس ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي چيلا ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“
ڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8:28-34، مرقس 5:1-20)
26پوءِ اهي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پهتا جيڪو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي. 27جڏهن يسوع سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو. 28هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“ 29هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻپٽ ۾ گهليندو وتندو هو. 30يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنو تہ ”لشڪر،“ ڇاڪاڻ تہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو هو.
31انهن ڀوتن يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”اسان کي پاتال ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“ 32ڀرسان ئي ٽڪر تي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو. سو ڀوتن يسوع کي وري وينتي ڪئي تہ ”اسان کي هنن ۾ گھڙڻ جي آگيا ڏيو.“ سو هن کين آگيا ڏني. 33تنهن تي اهي ڀوت انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اهو ڌڻ لاهيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.
34اهو حال ڏسي ڌنار وٺي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اهو سڄو واقعو ٻڌايائون. 35تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو. 36جن ماڻهن اهو رنگ ڏٺو هو، تن کين ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو. 37گراسينين جي اوسيپاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو. 38تڏهن جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس وينتي ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي هلو.“ پر يسوع کيس اهو چئي موٽائي گھر ڏانهن موڪليو تہ 39”وڃي ٻڌاءِ تہ ايشور تو سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“ سو انهيءَ ماڻهوءَ موٽي وڃي سڄي شهر ۾ مشهور ڪيو تہ ”يسوع مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“
يائرس جي ڌيءَ کي جيوت ۽ ناريءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 9:18-26، مرقس 5:21-43)
40جڏهن يسوع موٽي آيو تڏهن ماڻهن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇو تہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي. 41ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي ڀڳتيءَ واري جاءِ جو اڳواڻ هو، سو يسوع وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“ 42هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي سا مرڻ تي هئي.
پوءِ جيئن جيئن يسوع ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا. 43انهن ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس. 44اها ناري يسوع جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو. 45تڏهن يسوع پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”گرو! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“ 46پر يسوع چيو تہ ”مون کي پڪ آهي تہ ڪنهن ڄاڻيواڻي مون کي هٿ لاتو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون مان شڪتي نڪتي آهي.“ 47جڏهن ناريءَ ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي. 48تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“
49اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ ڀڳتيءَ واري جاءِ جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي گروءَ کي تڪليف نہ ڏي.“ 50پر يسوع هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک تہ هوءَ بچي پوندي.“ 51-53پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڪنيا لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي يسوع چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي يسوع تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ يسوع پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڪنيا جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو. 54پوءِ يسوع ڪنيا جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي ڪنيا! اُٿ.“ 55-56تڏهن هن ۾ وري آتما اچي پئي ۽ هوءَ هڪدم جيوت ٿي اُٿي ويٺي. تنهن تي ڪنيا جي ماتا پتا کي حيراني وٺي ويئي. يسوع حڪم ڏنن تہ ”هن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ پوءِ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.“