7
فوجي صوبيدار جي نوڪر کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8:5-13)
1جڏهن يسوع ماڻهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم شهر ۾ آيو. 2اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو. 3هن جڏهن يسوع بابت ٻڌو، تڏهن يهودين جي ڪن چڱن مڙسن کي يسوع ڏانهن موڪلي کيس وينتي ڪيائين تہ هو اچي سندس نوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري. 4اهي يسوع وٽ آيا ۽ صوبيدار جي مدد لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪندي چيائونس تہ ”اهو ماڻهو انهيءَ لائق آهي جو اوهين مٿس هي احسان ڪريو. 5هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان لاءِ ڀڳتيءَ واري جاءِ بہ هن ئي ٺهرائي آهي.“ 6تڏهن يسوع انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سوامي! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو، 7نڪي مون پاڻ کي انهيءَ لائق سمجھيو جو اوهان وٽ اچان. پر اوهين اُتان ئي رڳو حڪم ڪندا تہ منهنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو. 8ڏسو، آءٌ پڻ ٻين جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان بہ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر‘ تہ هو ڪندو.“ 9يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو وشواس بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“ 10جڏهن صوبيدار جا ماڻهو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق هو.
وڌوا ناريءَ جي پٽ کي جيوت ڪرڻ
11 ان کان پوءِ يسوع نائينِ نالي ڳوٺ ڏانهن ويو ۽ هن سان گڏ سندس چيلا ۽ هڪ وڏو ميڙ هو. 12جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماتا جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا وڌوا هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا. 13جڏهن پرڀوءَ ان وڌوا کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ديا آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“ 14پوءِ پاڻ ويجھو اچي ارٿيءَ تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“ 15تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماتا جي حوالي ڪيائين. 16انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو ايشور جي مهما ڪري چوڻ لڳا تہ ”ايشور جو هڪڙو وڏو سنت اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. ايشور پنهنجي قوم تي ڪرپا ڪئي آهي.“ 17اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چؤطرف پکڙجي ويئي.
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا قاصد
(متي 11:2-19)
18اهي سڀ ڳالهيون يوحنا کي سندس چيلن وڃي ٻڌايون. تنهن تي يوحنا پنهنجي چيلن مان ٻن کي 19پرڀوءَ ڏانهن اهو چوائي موڪليو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 20اهي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ واري اسان کي اوهان ڏانهن اهو پڇڻ لاءِ موڪليو آهي تہ جيڪو اچڻ وارو آهي، اهو اوهين آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 21انهيءَ گھڙيءَ يسوع گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين. 22#يس 35:5-6، 61:1 سو يسوع انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 23سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“
24جڏهن يوحنا جا قاصد موٽي ويا، تڏهن يسوع ميڙ کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻپٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟ 25پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي راجائي محلن ۾ هوندا آهن. 26پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا سنديش ڏيندڙ هڪ سنت کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنديش ڏيندڙ سنت کان بہ وڏي کي. 27#ملا 3:1 بلڪ يوحنا ئي اهو آهي جنهن بابت پوِتر شاستر ۾ ايشور هي فرمايو آهي تہ
’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،
تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
28آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ ايشور جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي.“
29 #
مت 21:32، لو 3:12 سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يوحنا کان بپتسما وٺي ايشور کي سچار ڪري مڃيو هو. 30پر فريسين ۽ نيم شاسترين يوحنا کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان ايشور جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.
31يسوع وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان تہ اهي ڪنهن وانگر آهن؟ 32اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن، جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ
’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون،
پر اوهين نچيا ئي ڪين.
اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا،
پر اوهين رنا ئي ڪين.‘
33ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري وِرت جي ڪري اڪثر نہ روٽي ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘ 34پر منشپتر کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ #7:34 ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو ساٿي آهي.‘ 35پر ياد رکو، سياڻپ سان هلندڙن جي ڪمن مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“
پاپڻ ناريءَ جا پاپ معاف ڪرڻ
36هڪڙي ڏينهن ڪنهن فريسيءَ يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”مون وٽ هلي رسوئي کائو.“ تڏهن هو سندس گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو. 37#مت 26:7، مر 14:3، يو 12:3 انهيءَ شهر ۾ هڪڙي پاپڻ ناري رهندي هئي. تنهن کي جڏهن اها خبر پيئي تہ يسوع هڪڙي فريسيءَ جي گھر رسوئي کائي ٿو پيو، تڏهن هوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي. 38هوءَ يسوع جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان يسوع جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي. 39تنهن تي فريسي، جنهن يسوع جي رسوئي ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ ناري جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ پاپڻ آهي!“ 40تڏهن يسوع کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون وراڻيو تہ ”گرو! بيشڪ چئو.“ 41تنهن تي يسوع چيو تہ ”هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا. هڪڙي ڏانهن پنج سؤ چانديءَ جا سڪا هئس ۽ ٻئي ڏانهن پنجاهہ. 42پر انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ هو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنهنڪري ٻنهي کي بخشي ڇڏيائين. هاڻي انهن ٻنهي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“ 43شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنهن کي گھڻو بخش ڪيائين، اهو.“ تڏهن يسوع چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“ 44پوءِ انهيءَ ناريءَ ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”هن ناريءَ کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنهنجي گھر آيس تہ تو مون کي پير ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجي ڳوڙهن سان ڌوتا ۽ پنهنجي وارن سان اُگھيا آهن. 45تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آهيان تہ هن منهنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آهي. 46تو منهنجي مٿي کي تيل بہ نہ مکيو، پر هن تہ منهنجي پيرن کي عطر مکيو آهي. 47انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا پاپ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا پاپ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“ 48پوءِ انهيءَ ناريءَ کي چيائين تہ ”تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ 49تڏهن جن يسوع سان گڏ کاڌو پئي سي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو پاپ بہ معاف ٿو ڪري؟“ 50يسوع انهيءَ ناريءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“