9
ٻارهن سنتن کي موڪلڻ
(متي 10:5-15، مرقس 6:7-13)
1 #
لو 6:13
يسوع پنهنجي مقرر ڪيل ٻارهن سنتن کي سڏي کين هيءَ شڪتي ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن. 2پوءِ انهن کي موڪليائين تہ ”وڃي ايشور جي راڄ جو پرچار ڪريو ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو.“ 3#لو 10:4-11 هن کين اهو تاڪيد بہ ڪيو تہ ”رستي لاءِ ڪجھہ بہ نہ کڻجو، نہ لٺ، نہ ٿيلهو، نہ روٽي، نہ پئسا ۽ نہ وري ڪو وڌيڪ وڳو. 4جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهجو جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. 5#سن 13:51 جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن #9:5 پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو اها انهيءَ دور جي هڪ رسم هئي، جنهن مان مراد ڪنهن ڳالهہ کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي ذميواري سندن مٿان هجڻ جو اظهار ڪرڻ هو.پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ 6تڏهن اهي چيلا روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ايشور جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۽ هر هنڌ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳا.
هيروديس جو مونجھڪاري ۾ پوڻ
(متي 14:1-12، مرقس 6:14-29)
7 #
مت 16:14، مر 8:28، لو 9:19 جڏهن يسوع بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران #9:7 هيروديس هي راجا هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يوحنا مئلن مان جيوت ٿيو آهي،“ 8ڪن پئي چيو تہ ”ايلياہ ظاهر ٿيو آهي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو وري جيوت ٿيو آهي.“ 9تنهن تي هيروديس چيو تہ ”يوحنا جي تہ مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هيءُ ڪير آهي جنهن بابت هن طرح جون ڳالهيون ٿا ٻڌون؟“ تڏهن هو يسوع سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(متي 14:13-21، مرقس 6:30-44، يوحنا 6:1-14)
10اهي ٻارهن سنت جڏهن موٽي آيا، تڏهن يسوع کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ يسوع انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيتصيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو. 11پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ يسوع جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين ايشور جي راڄ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي.
12جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن چيلن اچي يسوع کي چيو تہ ”ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ اوسيپاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“ 13پر يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي چيلن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“ 14هنن اهو انهيءَ ڪري چيو تہ ميڙ ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”هنن کي پنجاهہ پنجاهہ جي ٽولين ۾ ڪري ويهاريو.“ 15پوءِ چيلن يسوع جي چوڻ موجب سڀني کي ويهاري ڇڏيو. 16تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آڪاش ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو چيلن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن. 17پوءِ تہ سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون چيلن ٻارهن کاريون ڀريون.
پطرس جو يسوع مسيح بابت اظهار
(متي 16:13-19، مرقس 8:27-29)
18هڪ دفعي جڏهن يسوع اڪيلو پرارٿنا ڪري رهيو هو ۽ سندس چيلا ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 19#مت 14:1-2، مر 6:14-15، لو 9:7-8 چيلن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين ايلياہ آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو جيوت ٿي اٿيا آهيو.“ 20#يو 6:68-69 هن چيلن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون ايشور جو مسيح آهين.“ 21تڏهن کين تاڪيد ڪندي حڪم ڏنائين تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“
يسوع مسيح جو پنهنجي تڪليفن ۽ موت بابت ٻڌائڻ
(متي 16:21-28، مرقس 8:31–9:1)
22يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”منشپتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي ايشور کيس وري جيوت ڪري اٿاري.“ 23#مت 10:38، لو 14:27 پوءِ چيلن سميت سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري سو پنهنجي آپي کي ماري ۽ هر روز پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي. 24#مت 10:39، لو 17:33، يو 12:25 ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ چاهيندو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو، سو انهيءَ کي بچائيندو. 25جيڪڏهن ماڻهو کڻي سڄو سنسار هٿ ڪري، پر پنهنجي جان وڃائي يا انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏي تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟ 26ڏسو، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو، تنهن کان منشپتر بہ شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي، پنهنجي ۽ پوِتر دوتن جي جوت ۾ ايندو. 27آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين ايشور جي راڄ کي نہ ڏسندا.“
يسوع مسيح جو جوتي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ
(متي 17:1-8، مرقس 9:2-8)
28 #
2.پط 1:17-18
انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ ويو. 29جيئن ئي هو پرارٿنا ڪري رهيو هو تہ سندس روپ بدلجي پيو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. 30اتي جو اتي ٻہ شخص يسوع سان ڳالهيون ڪندي نظر آيا. اهي سنديش ڏيندڙ سنت موسيٰ ۽ ايلياہ هئا، 31جيڪي جوتي روپ ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هنن يسوع جي موت بابت پئي ڳالهايو جيڪو يروشلم ۾ ٿيڻو هو. 32ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن يسوع جي جوت ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون. 33جڏهن موسيٰ ۽ ايلياہ يسوع وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.“ پر کيس سڌ ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي. 34اڃا هن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ جڏهن اهي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ چيلا ڊڄي ويا. 35#يس 42:1، مت 3:17، 12:18، مر 1:11، لو 3:22 انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پٽ ۽ منهنجو مخصوص ڪيل آهي، سو اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 36جڏهن اهو آواز آيو تڏهن يسوع اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ چيلن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون اتي ٿيندي ڏٺيون هئائون تن مان ڪابہ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان بہ نہ ڪيائون.
ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
(متي 17:14-18، مرقس 9:14-27)
37ٻئي ڏينهن تي يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ جبل تان لٿو تہ هڪ وڏو ميڙ اچي ساڻس مليو. 38-39تڏهن انهيءَ ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو تہ ”اي گرو! آءٌ اوهان کي وينتي ٿو ڪريان تہ منهنجو پٽ جنهن ۾ ڀوت آهي تنهن کي هلي ڏسو، ڇو تہ اهو منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي. جڏهن اهو ڀوت اچي ٿو وٺيس، تہ هو اوچتو وٺيو رڙيون ٿو ڪري ۽ ڀوت اهڙو ٿو گھُٽيس جو گِگَ پئي وهيس ۽ ڏاڍا ايذاءَ ڏيندي مس مس ٿو منجھانئس نڪري. 40مون اوهان جي چيلن کي بہ وينتي ڪندي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو،‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ 41تنهن تي يسوع چيو تہ ”اي بيوشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پتا کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“ 42جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر يسوع ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پتا جي حوالي ڪيائين. 43سڀيئي ايشور جي ايڏي شڪتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا.
ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(متي 17:22-23، مرقس 9:30-32)
جڏهن سڀ ماڻهو يسوع جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني چيلن کي چيو تہ 44”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ منشپتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“ 45پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت يسوع کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
وڏو ڪير؟
(متي 18:1-5، مرقس 9:33-37)
46 #
لو 22:24
هڪ دفعي چيلا پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آهي؟“ 47يسوع سندن دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو هڪڙو ننڍو ٻار کڻي پنهنجي ڀرسان بيهاريائين. 48#مت 10:40، لو 10:16، يو 13:20 پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن ايشور کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“
مخالف ۽ طرفدار ڪير؟
(مرقس 9:38-40)
49پوءِ يوحنا يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“ 50پر يسوع چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي خلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.“
سامرين جو يسوع مسيح کي ڳوٺ ۾ اچڻ کان روڪڻ
51جڏهن يسوع جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. 52هن پاڻ کان اڳ ۾ ڪن قاصدن کي روانو ڪيو. اهي وڃي سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا تہ جيئن اتي يسوع لاءِ رات گذارڻ جو انتظام ڪرائين. 53پر اتان جي ماڻهن يسوع جو ڳوٺ ۾ اچڻ قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ #9:53 سندس رخ يروشلم ڏانهن هو ان دور ۾ جيڪي يهودي گليل علائقي کان يروشلم ڏانهن ياترا لاءِ سامرين جي علائقي وٽان لنگھندا هئا، تن کي سامري نفرت جي نگاهہ سان ڏسندا هئا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”سامري.“ سندس رخ يروشلم ڏانهن هو. 54#2.راج 1:9-16 تڏهن سندس چيلن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آڪاش مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي#9:54 ڪن مسودن ۾ هي بہ شامل آهي: ”جيئن ايلياہ ڪيو.“.“ 55پر يسوع ڦري هنن کي ڇينڀيو 56۽ #9:56 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: چيائين تہ ”اوهان کي سڌ نہ آهي تہ اوهين ڪهڙي آتما جا آهيو، ڇاڪاڻ تہ منشپتر ماڻهن جي جان برباد ڪرڻ نہ بلڪ بچائڻ آيو آهي.“پوءِ هو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا.
يسوع مسيح جا پوئلڳ ڪير؟
(متي 8:19-22)
57جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويا تہ هڪڙي ماڻهوءَ يسوع کي چيو تہ ”جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“ 58يسوع هن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر منشپتر کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ 59يسوع ٻئي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ پر هن جواب ڏنس تہ ”اي سوامي! مون کي تيستائين آگيا ڏيو، جيستائين آءٌ پنهنجي پتا کي دفنائي اچان.“ 60تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻهن ۾ ايشور جي راڄ جو پرچار ڪر.“ 61#1.راج 19:20 هڪڙي ٻئي بہ يسوع کي چيو تہ ”اي سوامي! آءٌ اوهان جي پٺيان هلندس، پر پهريائين آگيا ڏيو تہ گھر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان.“ 62تنهن تي يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪو پنهنجو هٿ هر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نهاري، سو ايشور جي راڄ جي لائق نہ آهي.“