10
ستر چيلن کي موڪلڻ
1انهيءَ کان پوءِ پرڀوءَ ستر چيلا ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو. 2#مت 9:37-38 هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي وينتي ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي. 3#مت 10:16 وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان. 4#مت 10:7-14، مر 6:8-11، لو 9:3-5 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي نمسڪار ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو. 5جنهن بہ گھر ۾ وڃو تہ پهريائين انهيءَ گھر جو سک وَ شانتي گھرجو. 6جيڪڏهن اتي ڪو شانتي چاهيندڙ هوندو تہ اوهان جو اهو نمسڪار مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو. 7#1.ڪر 9:14، 1.تيم 5:18 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي. 8سو جنهن جنهن شهر ۾ وڃو اتي ائين ئي ڪجو، يعني جيڪڏهن اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول ڪن تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ اوهان کي آڻي ڏين سو کائجو. 9انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘ 10#سن 13:51 پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي چونڪن تي بيهي هيئن چئجو تہ 11’اوهان جي شهر جي #10:11 مٽي... ڇنڊي وڃون ٿاڏسو لوقا 9:5.مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘ 12#پيد 19:24-28، مت 11:24، 10:15 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر جا ماڻهو سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“
بيوشواس ماڻهن تي مصيبت
(متي 11:20-24)
13 #
يس 23:1-18، حز 26:1–28:26، يوا 3:4-8، عا 1:9-10، زڪ 9:2-4 تڏهن يسوع بيوشواس شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪن ها. 14سو قيامت جي ڏينهن تي اوهين صور ۽ صيدا وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. 15#يس 14:13-15 اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“
16 #
مت 10:40، مر 9:37، لو 9:48، يو 13:20 پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو ايشور کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“
ستر چيلن جو موٽي اچڻ
17پوءِ اهي ستر چيلا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي يسوع کي چيائون تہ ”اي پرڀو! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي وس هيٺ ٿيا آهن.“ 18يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آڪاش مان کِنوڻ اچيو ڪري. 19#زب 91:13 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي حاوي ٿي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي. 20تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي وس هيٺ ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا ايشور وٽ اُڪريل آهن.“
ايشور جا ٿورا مڃڻ
(متي 11:25-27، 13:16-17)
21انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“
22 #
يو 3:35، 10:15 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پتا مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پتا کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پتا ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“
23پوءِ يسوع چيلن ڏانهن ڦري انهن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين جو هي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا. 24آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ راجائن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو، سو اهي بہ ٻڌن پر نہ ٻڌائون.“
نيڪ سامريءَ جو مثال
25 #
مت 22:35-40، مر 12:28-34 تنهن کان پوءِ هڪڙو نيم شاستري اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪري سگھان؟“ 26تنهن تي يسوع چيس تہ ”نيم شاستر ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“ 27#لاو 19:18، شر 6:5 هن يسوع کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ 28#لاو 18:5 تنهن تي يسوع چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ امر جيون ملندءِ.“
29پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ يسوع کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“ 30يسوع وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس. 31اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو. 32ساڳيءَ طرح هڪڙو لاوي بہ انهيءَ رستي سان آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو. 33#2.توا 28:15 پوءِ هڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن کيس هن تي ديا آئي. 34هن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنهنجي گڏهہ تي چاڙهي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس سيوا ڪيائين. 35ٻئي ڏينهن تي چانديءَ جا ٻہ سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’هن جي سيوا ڪندو رهہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“
36پوءِ يسوع نيم شاستريءَ کان پڇيو تہ ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اهو شخص جيڪو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير حقيقي پاڙيسري ٿيو؟“ 37تنهن تي نيم شاستريءَ وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ديا آئي.“ يسوع چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“
يسوع مسيح جو مارٿا ۽ مريم جي گھر ۾ اچڻ
38 #
يو 11:1
يسوع پنهنجي چيلن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي ناريءَ پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو. 39ان ناريءَ جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون. 40مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي يسوع کي چيائين تہ ”اي سوامي! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“ 41پر پرڀوءَ وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي چنتا ۽ پريشانيءَ ۾ آهين، 42جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“