جڏهن ناريءَ ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي. تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“