متي 18
18
1اُنهيءَ گهڙيءَ شاگرد يسوع وٽ آيا، ۽ چيائون تہ آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟ 2۽ هن هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي هنن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو. 3۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا. 4تنهنڪري جيڪو ڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو. 5۽ جيڪو هڪڙي ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري. 6۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون ۾ ايمان آهي تن مان هڪڙي کي جيڪو گمراهہ ڪندو، انهي جي لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏجي. 7گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري! 8۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري تہ اُهو پاڻ وٽان وڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن سان هميشہ جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ٽُنڊو يا منڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين. 9۽ جي تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ اُها پاڻ وٽان ڪڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن اکين سان جهنم جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ڪاڻو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين. 10ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو. 11(ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جو منهن هنن جا ملائڪ آسمان ۾ هميشہ پيا ڏسن). 12اوهين ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن، ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃي، تہ هو نوانوي کي ڇڏي، جبلن ۾ وڃي اُها جيڪا گم ٿي ويئي آهي، تنهن کي ڪين ڳوليندو؟ 13۽ جي لڀي پيس، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن، تن کان وڌيڪ هو انهيءَ لاءِ خوشي ڪندو. 14ساڳيو انهي طرح اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي بہ اها مرضي نہ آهي تہ هنن ننڍڙن مان ڪو هڪڙو برباد ٿئي.
15۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ تنهنجو ڪو ڏوهہ ڪري، تہ اڪيلائيءَ ۾ هن کي سندس قصور ٻڌاءِ؛ جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهہ مڃي، تہ تو پنهنجو ڀاءُ پاڻ ڏانهن ڪيو: 16پر جي هو تنهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي، تہ هڪڙو يا ٻہ ڄڻا پاڻ سان وٺي وڃ، تہ سموري ڳالهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان ثابت ٿئي. 17۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ. 18آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين زمين تي ٻڌندا، سو آسمان ۾ ٻڌبو: ۽ جيڪي اوهين زمين تي ڇوڙيندا سو آسمان ۾ ڇوڙبو. 19وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن زمين تي اوهان مان ٻہ ڄڻا ڪابہ ڳالهہ هڪ دل ٿي گهُرندا، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو سندن مراد پوري ڪندو. 20ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.
21تنهن کانپوءِ پطرس اچي چيس تہ اي خداوند، جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آئون کيس ڪيترا ڀيرا معاف ڪريان؟ ڇا ستن ڀيرن تائين؟ 22يسوع چيس تہ آئون توکي ڪونہ ٿو چوان تہ ستن ڀيرن تائين، پر ستر دفعا ستن ڀيرن تائين. 23تنهنڪري آسمان جي بادشاهت هڪڙي بادشاهہ جي مثل آهي، جنهن جي مرضي ٿي تہ پنهنجن نوڪرن سان حساب ڪتاب لاهيان. 24۽ جڏهن هنن سان ليکو لاهڻ لڳو، تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو وٺي آيا، جنهن ڏانهن سندس ڏهہ هزار قنطار هئا. 25پر هن وٽ هو ڪي بہ ڪين، جنهن سان پنهنجو قرض کڻي لاهي، تنهنڪري سندس ڌڻيءَ حڪم ڪيو تہ هن کي، ۽ سندس زال ۽ ٻارن کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هجي، سو سڀ وڪڻي قرض جي ادائي ڪريو. 26تنهن تي نوڪر پيرين پيس، ۽ سجدو ڪري چيائينس، تہ اي خداوند، مون کي مهلت ڏي تہ آئون تنهنجو سمورو قرض ادا ڪندس. 27۽ انهي نوڪر جي ڌڻيءَ کي رحم آيو، تنهنڪري هن کي ڇڏي ڏنائين، ۽ اُهو قرض بہ کڻي معاف ڪيائينس. 28پر اُهو نوڪر ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن مان هڪڙو ڏٺائين، جنهن کان سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ انهيءَ کي جهلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ جيڪي لهڻائين سو ڏي. 29تنهن تي اُنهي سندس سنگتيءَ پيرين پئي ليلائي چيس، تہ مون کي مهلت ڏي، تہ آئون توکي ڀري ڏيندس. 30پر هن سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ وڃي قيد ۾ وڌائينس، جيسين ڪ قرض ادا ڪري. 31تنهن تي جڏهن هن جي هم شريڪ نوڪرن اهو حال ڏٺو، تڏهن کين ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ سارو حال اچي پنهنجي ڌڻيءَ کي ٻڌايائون. 32تنهن تي ڌڻيءَ هن کي سڏي چيو تہ اي بڇڙا نوڪر، جڏهن تو مون کي آزيون ڪيون، تڏهن مون توکي سڀ قرض کڻي معاف ڪيو: 33سو جيئن مون تو تي رحم ڪيو، تيئن توکي بہ پاڻ جهڙي نوڪر تي رحم ڪرڻ کپندو هو يا نہ؟ 34۽ سندس ڌڻيءَ کي ڪاوڙ آئي، تنهن هن کي جلادن جي حوالي ڪيو، جيسين ڪ سمورو قرض ادا نہ ڪري. 35سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو.
Currently Selected:
متي 18: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.