1
متي 20:18
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان.
Compare
Explore متي 18:20
2
متي 19:18
وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن زمين تي اوهان مان ٻہ ڄڻا ڪابہ ڳالهہ هڪ دل ٿي گهُرندا، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو سندن مراد پوري ڪندو.
Explore متي 18:19
3
متي 2:18-3
۽ هن هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي هنن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو. ۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا.
Explore متي 18:2-3
4
متي 4:18
تنهنڪري جيڪو ڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو.
Explore متي 18:4
5
متي 5:18
۽ جيڪو هڪڙي ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري.
Explore متي 18:5
6
متي 18:18
آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين زمين تي ٻڌندا، سو آسمان ۾ ٻڌبو: ۽ جيڪي اوهين زمين تي ڇوڙيندا سو آسمان ۾ ڇوڙبو.
Explore متي 18:18
7
متي 35:18
سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو.
Explore متي 18:35
8
متي 6:18
۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون ۾ ايمان آهي تن مان هڪڙي کي جيڪو گمراهہ ڪندو، انهي جي لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏجي.
Explore متي 18:6
9
متي 12:18
اوهين ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن، ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃي، تہ هو نوانوي کي ڇڏي، جبلن ۾ وڃي اُها جيڪا گم ٿي ويئي آهي، تنهن کي ڪين ڳوليندو؟
Explore متي 18:12
Home
Bible
Plans
Videos