متي 19
19
1۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يشوع اِهي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن گليل مان نڪري اُٿي هليو، ۽ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر يهوديہ جي حدن ۾ آيو، 2۽ وڏا ميڙاڪا سندس پٺيان آيا؛ ۽ هن کين اتي ئي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو.
3۽ فريسي آزمودي وٺڻ لاءِ وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اهو روا آهي ڇا تہ مڙس ڪنهن بہ سبب ڪري پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟ 4۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ جنهن هنن کي جوڙيو، تنهن شروع ۾ ئي مڙس ۽ زال ڪري جوڙين؛ 5۽ چيائين تہ انهي سبب ڪري مڙس پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ٿي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو، ۽ هو ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا؟ 6سو اڳتي هو ٻہ نہ، پر هڪ جسم آهن. تنهنڪري جيڪي خدا ملائي ڇڏيو آهي، تنهن کي انسان جدا نہ ڪري. 7هنن چيس تہ پوءِ موسيٰ ڇو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، تہ جي زال کي ڪڍجي تہ طلاق نامو لکي ڏجي. 8هن چين تہ موسيٰ اوهان جي سخت دليءَ ڪري اوهان کي موڪل ڏني تہ پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏجي، پر شروعات کان ائين ڪونہ هو. 9۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو زنا کان سواءِ پنهنجي زال کي ڪڍي ٿو ڇڏي، ۽ ٻي ٿو پرڻجي، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو. 10شاگردن چيس تہ جي زال جي ڪري مڙس جو اهو حال آهي تہ پرڻجڻ چڱو ڪينهي. 11پر هن چين تہ سڀ ماڻهو اها ڳالهہ قبول ڪري ڪين سگهندا، رڳو اُهي قبول ڪندا جن کي اهڙي طاقت مليل آهي. 12ڇالاءِ جو ڪي خوجا آهن، جي ماءُ جي پيٽان ئي اهڙا ڄاوا، ۽ ڪي خوجا آهن جن کي ماڻهن خوجو ڪيو، ۽ ڪي خوجا آهن جن پاڻ کي آسمان جي بادشاهت لاءِ خوجو ڪيو. جيڪو اها ڳالهہ قبول ڪري سگهي، سو ڀلي تہ قبول ڪري.
13تنهن کانپوءِ ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ هو مٿن هٿ رکي ۽ دعا گهُري: ۽ شاگردن انهن کي ڇينڀيو. 14پر يسوع چيو تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت اهڙن جي ئي آهي. 15۽ هن انهن تي هٿ رکيا؛ پوءِ اُتان روانو ٿيو. 16۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو وٽس اچي چوڻ لڳو تہ اي اُستاد، آئون ڪهڙي نيڪي ڪريان، جنهنڪري مون کي هميشہ جي زندگي ملي؟ 17۽ هن چيس تہ تون مون کان نيڪيءَ بابت ڇو ٿو پڇين؟ هڪڙو آهي جو نيڪ آهي: پر جي تون ڀانئين تہ زندگيءَ ۾ داخل ٿيان تہ حڪمن تي عمل ڪر. 18هن چيو تہ ڪهڙا؟ ۽ يسوع چيو تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، 19پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر. 20انهي جوان چيس تہ هي سڀ ڪم مون پئي ڪيا آهن، ٻي مون ۾ ڪهڙي ڪسر آهي؟ 21يسوع چيس تہ جي ڀانئين تہ ڪامل ٿيان، تہ وڃي جيڪي تو وٽ آهي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، تہ پوءِ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجي پيروي ڪر. 22پر جڏهن انهي جوان اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن غمگين ٿي هليو ويو؛ ڇو جو گهڻيءَ ملڪيت وارو هو. 23۽ يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ دولتمند ماڻهوءَ جي لاءِ آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ مشڪل آهي. 24وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت ۾ دولتمند ماڻهوءَ جي گهڙڻ کان، سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ سولو آهي. 25۽ جڏهن شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ تڏهن ڪير بچي سگهندو؟ 26۽ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ماڻهن کان اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي. 27تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيس تہ ڏس، اسين جو سڀ ڪجهہ ڇڏي تنهنجي پٺيان آيا آهيون، تہ پوءِ اسان کي ڇا ملندو. 28۽ يسوع هنن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ نئين پيدائش ۾ جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال جي تخت تي ويهندو، تڏهن اوهين جي منهنجي پٺيان آيا آهيو، سي بہ ٻارهن تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا. 29۽ جنهن ڪنهن منهنجي نالي ڪري گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا پيءُ، يا ماءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏي ڏنيون آهن، تن کي اُهي سؤڻيون ملنديون، ۽ اهو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيندو. 30پر گهڻا جي پهريان آهن سي پويان ٿيندا، ۽ جي پويان آهن سي پهريان ٿيندا.
Currently Selected:
متي 19: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.