متي 20
20
1ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ڪنهن گهر جي مالڪ مثل آهي، جو صبح جو سوير اُنهي لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ ڪمين کي بيهاري. 2۽ جڏهن هنن سان اها ٻول ڪري چڪو تہ هڪ دينار روز ڏيندوسانوَ، تڏهن کين پنهنجي ڊاک جي باغ ۾ موڪليائين. 3۽ پهر کن کانپوءِ، هو ٻاهر نڪتو ۽ ٻين کي بازار ۾ نڪمو بيٺل ڏٺائين: 4۽ انهن کي چيائين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو، ۽ جيڪي حق هوندو سو آئون اوهان کي ڏيندس، ۽ اُهي ويا. 5۽ وري ٻئي ۽ ٽئين پهر ٻاهر ويو، ۽ اڳي وانگر ڪيائين. 6پوءِ جڏهن سج لهڻ ۾ ڪلاڪ کن باقي هو، تڏهن ٻاهر ويو، ۽ ڏٺائين تہ ٻيا بہ بيٺا آهن، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو نڪما ٿيا بيٺا آهيو؟ 7هنن چيس تہ ڇالاءِ جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن ڪين بيهاريو آهي. هن چين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو. 8۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي. 9جڏهن اُهي آيا جن ڪلاڪ کن ڪم ڪيو هو، تڏهن انهن مان هڪڙي هڪڙي کي دينار مليو. 10۽ جيڪي پهريان آيا هئا، تن ڀانئيو تہ اسان کي زيادہ ملندو، پر انهن مان هرهڪ کي هڪڙو هڪڙو دينار مليو. 11۽ جڏهن انهن کي بہ اوترو ئي مليو، تڏهن ڪُرڪي گهر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ 12اسان جن سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ اُس سَٺي، تن کي تو هنن پوئين جي برابر ڪيو آهي، جن فقط هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪيو. 13پر هن انهن مان هڪڙي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ ميان، آئون توسان ظلم ڪونہ ٿو ڪريان: تو مون سان هڪ دينار جي ٻول ڪين ڪئي هئي ڇا؟ 14جيڪي تنهنجو حق آهي، سو وٺي روانو ٿيءُ؛ منهنجي مرضي آهي تہ هن پوئين کي بہ تو جيترو ڏيان. 15مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟ 16انهي طرح پويان پهريان ٿيندا، ۽ پهريان پويان.
17۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويندي رستي ۾ انهن ٻارهن شاگردن کي خلاصو وٺي ويو ۽ چيائين، 18تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، 19۽ هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جيئرو ٿي اُٿندو. 20تنهن کانپوءِ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ پنهنجن پٽن سميت وٽس آئي ۽ پيرين پئي هن کي عرض ڪرڻ لڳي. 21۽ هن چيس تہ توکي ڇا گهرجي؟ هن عرض ڪيس، تہ حڪم ڪر تہ تنهنجي بادشاهت ۾ هنن منهنجن ٻن پٽن مان هڪڙو تنهنجي سڄي پاسي ويهي، ۽ ٻيو تنهنجي کٻي پاسي. 22پر يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو؛ جيڪو پيالو آئون پيئڻ وارو آهيان، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي. 23هن چين تہ مون وارو پيالو بيشڪ اوهين پيئندا، پر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، پر اُهو انهن ئي جي لاءِ آهي جن لاءِ منهنجي پيءُ اُهو تيار ڪيو آهي. 24۽ جڏهن انهن ڏهن ڄڻن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو هنن ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. 25پر يسوع پاڻ وٽ سڏي چين تہ اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي غير قومن جا سردار آهن، سي اُنهن تي حڪم ٿا هلائين، ۽ سندن امير مٿن اختياري ٿا هلائين. 26پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو: بلڪ جيڪو اوهان ۾ وڏو ٿيڻ گهري، سو اوهان جو خادم ٿيندو؛ 27پر جيڪو اوهان مان پهريون ٿيڻ چاهي سو اوهان جو غلام ٿيندو؛ 28جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري.
29۽ جڏهن هو يريحو مان ٻاهر نڪتا، تڏهن وڏو ميڙاڪو پٺيانئس اچڻ لڳو. 30۽ ڏسو، ٻہ انڌا جي رستي جي ڀر ۾ ويٺا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ يسوع ٿو لنگهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي خداوند، ابن دائود، اسان تي رحم ڪر. 31تنهن تي ماڻهن ڇڙٻ ڏيئي چين، تہ ماٺ ڪريو: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خداوند، ابن دائود، اسان تي رحم ڪر. 32۽ يسوع بيهي رهيو ۽ کين سڏي چيائين تہ آئون اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ 33هنن چيس تہ اي خداوند، اسان جون اکيون کُلي پون. 34۽ يسوع کي رحم آيو ۽ هنن جي اکين کي هٿ لاتائين: تہ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳا، ۽ اُٿي سندس پٺيان هليا.
Currently Selected:
متي 20: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.