متي 21
21
1۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو، ۽ بيت فگا ۾ زيتون جي ٽڪر تي آيا، تڏهن يسوع ٻن شاگردن کي موڪليو، 2۽ چيائين تہ انهي ڳوٺ ۾ وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي، ۽ وڃڻ شرط اوهين هڪڙو گڏهہ ٻڌل ڏسندا، ۽ ساڻس هڪڙو کودڙو بہ هوندو: اُهي ڇوڙي مون وٽ وٺي اچو. 3۽ جيڪڏهن ڪو اوهان کي ڪي چوي، تہ چئجوس، تہ خداوند کي انهي جي گهرج آهي؛ تہ هو انهي دم موڪلي ڏيندو. 4هاڻ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ 5”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“ 6سو شاگرد ويا ۽ جيئن يسوع فرمايو هون، تيئن ڪيائون. 7۽ گڏهہ ۽ کودڙي کي وٺي آيا، ۽ پنهنجا ڪپڙا لٽا اُنهن تي وڌائون؛ ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو. 8۽ ماڻهن مان گهڻن ئي پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون وڍي اُهي کڻي رستي تي پکيڙيون. 9۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي سندس اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا، تن وڏي آواز سان چيو، تہ هوشعنا ابن دائود کي، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي اچي ٿو، عالم بالا ۾ هوشعنا! 10۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي، ۽ ماڻهو چوڻ لڳا تہ هي ڪير آهي؟ 11۽ ميڙاڪن چيو تہ هي گليل جي ناصرت وارو نبي يسوع آهي.
12۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 13۽ انهن کي چيائين تہ لکيل آهي تہ ”منهنجو گهر دعا جو گهر سڏبو:“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنائي آهي. 14۽ انڌا ۽ منڊا هيڪل ۾ وٽس آيا، ۽ هن انهن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 15پر جيڪي عجب جهڙا ڪم پئي ڪيائين، سي جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ڏٺا، ۽ انهن ٻارن کي ڏٺائون، جن هيڪل ۾ رڙيون ڪري پئي چيو تہ هوشعنا ابن دائود کي، تڏهن کين ڏاڍي چڙ لڳي. 16۽ چوڻ لڳس، تہ هي جيڪي چون ٿا سو ڪي ٻڌين ٿو؟ ۽ يسوع چين تہ هائو، اوهان ڪڏهن ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ”معصومن ۽ کير پياڪن جي واتان تنهنجي ڪامل تعريف ٿي ٿئي.“ 17۽ هو انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت عنياہ ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ٽڪيو.
18هاڻي صبح جو جڏهن هو شهر ڏانهن ٿي موٽيو، تڏهن بک لڳس. 19۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو. 20۽ جڏهن شاگردن اهو ڏٺو، تڏهن عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هي انجير جو وڻ ڪيئن هڪدم سُڪي ويو. 21۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو. 22۽ جيڪي بہ اوهين ايمان رکي دعا ۾ گهُرندا، سو سڀ اوهان کي ملندو.
23۽ جڏهن هو هيڪل ۾ آيو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ اُمت جي بزرگن وٽس اچي چيو تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ ۽ ڪنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟ 24۽ يسوع ورندي ڏيئي چين تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، سو جي اوهين مون کي ٻڌائيندا تہ آئون بہ ٻڌائيندوسانوَ تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان. 25يوحنا جي بپتسما ڪٿان آئي؟ آسمان کان يا ماڻهن کان؟ ۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ هو اسان کي چوندو، تڏهن هن کي ڇو نہ مڃيو؟ 26پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ اسين خلق کان ٿا ڊڄون؛ ڇالاءِ جو سڀ يوحنا کي نبي ڪري ٿا سمجهن. 27سو هنن يسوع کي جواب ڏيئي چيو تہ اسان کي خبر ڪانهي. هن بہ چين، تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان. 28پر اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ هو پهرئين وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ پٽ، اڄ وڃي ڊاک جي باغ ۾ ڪم ڪر. 29۽ هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون ڪين ويندس: پر پوءِ هو پاڻهي پڇتائي اوڏانهن ويو. 30وري هو ٻئي وٽ آيو، ۽ انهي کي بہ ائين چيائين، ۽ هن ورندي ڏيئي چيو تہ سائين آئون وڃان ٿو، پر ويو ڪين. 31انهن ٻنهي مان پنهنجي پيءُ جي مرضيءَ تي ڪير هليو؟ هنن چيس تہ پهريون. يسوع چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ محصولي ٺيڪيدار ۽ ڪسبياڻيون اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهت ۾ وينديون. 32ڇالاءِ تہ يوحنا اوهان وٽ سچائيءَ جي رستي آيو، ۽ اوهان هن کي نہ مڃيو، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪسبياڻين کيس مڃيو: ۽ اوهان جيتوڻيڪ اهو ڏٺو، تڏهن بہ ايمان آڻڻ لاءِ توبهہ نہ ڪئي.
33ٻيو مثال ٻڌو: هڪڙو گهر جو مالڪ هو، تنهن هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو. ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 34۽ جڏهن ڦل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن انهن آبادگارن ڏانهن هن پنهنجا نوڪر موڪليا، تہ سندس ميوي جو حصو وٺي اچن. 35۽ انهن آبادگارن سندس نوڪرن کي جهلي هڪڙي کي مار ڏنائون، ۽ ٻئي کي قتل ڪيائون ۽ ٽئين کي سنگسار ڪيائون. 36وري هن اڳي کان گهڻا نوڪر موڪليا، تن سان بہ انهن اُها ساڳي ڪار ڪئي. 37پر پوءِ هن اُنهن ڏانهن پنهنجو پٽ موڪليو، جو چيائين تہ هو منهنجي پٽ جي عزت رکندا. 38پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون. 39۽ انهن هن کي بہ جهلي باغ جي ٻاهر ڪڍي ماري وڌو. 40تنهنڪري جڏهن باغ جو مالڪ ايندو، تڏهن انهن آبادگارن سان ڇا ڪندو؟ 41هنن چيس، تہ هو انهن بڇڙن سان ڏاڍيون جُٺيون ڪري کين چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيندو، جي هر ڪنهن مند تي کيس ميوو ڏيندا رهندا. 42۽ يسوع چين تہ اوهان ڪڏهن پاڪ ڪتاب ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو، هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ بہ عجب جهڙي ڳالهہ آهي.“ 43تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت اوهان کان کسي انهيءَ قوم کي ڏني ويندي، جا انهيءَ جو ڦل ڏيندي. 44۽ جيڪو هن پهڻ تي ڪِرندو سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو. 45۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين هن جا مثال ٻڌا، تڏهن سهي ڪيائون تہ هي اسان بابت ٿو چوي. 46۽ جڏهن انهن کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ماڻهن کان ڊنا، جو اُهي هن کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.
Currently Selected:
متي 21: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.