YouVersion Logo
Search Icon

متي 22

22
1۽ يسوع وري بہ مثالن ۾ هنن سان ڳالهائڻ لڳو، ۽ چيائين تہ 2آسمان جي بادشاهت انهي بادشاهہ مثل آهي، جنهن پنهنجي پٽ جي شادي جي مجلس ڪئي. 3۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي. 4وري هن ٻيا نوڪر موڪليا، ۽ چيائين تہ جن کي دعوت ملي آهي، تن کي چئو، تہ ڏسو، مون پنهنجي ماني تيار ڪرائي آهي، منهنجا وهڙا ۽ ٿلها ٿلها جانور ذبح ٿي چڪا آهن، ۽ سڀ شيون تيار آهن، اوهين شاديءَ جي مجلس تي اچو. 5پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي منهن هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن، ڪو پنهنجي واپار تي: 6۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو. 7تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين. 8تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ شاديءَ جي مجلس تيار آهي، مگر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي، سي لائق نہ هئا، 9تنهنڪري اوهين چوواٽن تي وڃو، ۽ جيڪي بہ ماڻهو ڏسو، تن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت ڏيو. 10۽ اُهي نوڪر شاهي سڙڪن تي ويا، ۽ جيترا ماڻهو چڱا مٺا منهن پين، تن کي آڻي گڏ ڪيائون: سو شاديءَ واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي. 11پر جڏهن بادشاهہ مهمانن جي ڏسڻ لاءِ اندر آيو، تڏهن اتي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين هئا. 12۽ انهي کي چيائين تہ ميان، شاديءَ جي ڪپڙن کانسواءِ تون هتي ڪيئن آيو آهين؟ پر هن ڪُڇيو ئي ڪين. 13تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. 14ڇالاءِ جو سڏيل گهڻا آهن پر چونڊيل آهن ٿورا.
15تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون. 16۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين. 17تنهنڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟ 18پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ 19مون کي ڍل جو سڪو ڏيکاريو. ۽ هو وٽس هڪڙو دينار کڻي آيا. 20۽ هن کين چيو تہ هي شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟ 21هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي. 22۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.
23انهي ڏينهن وٽس صدوقي آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪين: ۽ انهن کانئس پڇيو تہ 24اي اُستاد، موسيٰ چيو آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ اولاد ڪونہ هجيس، تہ انهي جو ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري. 25هاڻي اسان وٽ هڪڙا ست ڀائر هئا، ۽ پهريون پرڻيو، ۽ مري ويو، ۽ اولاد نہ هئڻ ڪري پنهنجي زال ڀاءُ لاءِ ڇڏي ويو، 26۽ ٻيو بہ اهڙيءَ طرح، ۽ ٽئين کان وٺي ستين تائين بہ انهي طرح. 27انهن سڀني کان پوءِ اُها زال بہ مري ويئي. 28تنهنڪري قيامت ۾ اُها زال انهن ستن ئي مان ڪنهن جي ٿيندي؟ ڇالاءِ جو سڀني وٽ رهي هئي. 29پر يسوع ورندي ڏيئي چين تہ اوهين ڀلجو ٿا، جو نڪي پاڪ ڪتابن کي ڄاڻو ٿا، نڪي خدا جي قدرت کي. 30ڇالاءِ جو قيامت ۾ ماڻهو نڪي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن بهشت ۾ ملائڪ آهن تيئن ٿيندا. 31پر جيڪي مري ويا آهن، تن جي جي اُٿڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو نہ پڙهيو اٿوَ ڇا تہ 32”آئون ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا آهيان؟“ خدا مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي. 33۽ جڏهن ماڻهن اهو ٻُڌو، تڏهن هن جي تعليم ڪري عجب ۾ پئجي ويا.
34پر جڏهن فريسين ٻڌو تہ هن صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو، تڏهن هو پاڻ ۾ گڏ ٿيا، 35۽ منجهانئن هڪڙو شريعت جو عالم هو، تنهن کيس آزمائڻ لاءِ کانئس هڪڙو سوال پڇيو تہ 36اي اُستاد، شريعت ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟ 37هن چيس، تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ جان سان، ۽ پنهنجي ساري عقل سان پيار ڪر. 38اهو وڏو ۽ پهريون حڪم آهي. 39۽ ٻيو انهي جهڙو هي آهي تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر. 40انهن ٻنهي حڪمن تي ساري توريت ۽ نبين جي ڪتابن جو مدار آهي. 41هاڻي جڏهن فريسي گڏ ٿيا ويٺا هئا، تڏهن يسوع انهن کان هڪڙو سوال پڇيو تہ 42مسيح بابت اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ اُهو ڪنهن جو پٽ آهي؟ هنن چيس، تہ دائود جو. 43هن چين تہ تڏهن ڪيئن دائود روح جي هدايت سان هن کي خداوند ٿو سڏي، جو چوي ٿو تہ 44”خداوند، منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجن پيرن هيٺ ڪريان؟“ 45جيڪڏهن دائود هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟ 46۽ ڪوبہ هن کي ورنديءَ ۾ هڪڙو اکر بہ چئي نہ سگهيو، نڪي وري انهي ڏينهن کان وٺي ڪنهن ماڻهوءَ کي کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.

Currently Selected:

متي 22: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in