متي 17
17
1۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع، پطرس ۽ يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو. 2۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي. 3۽ ڏسو، هنن کي موسيٰ ۽ ايلياہ ساڻس ڳالهائيندا نظر آيا. 4۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: جي تنهنجي مرضي هجي تہ هتي آئون ٽي تنبو کڻي کوڙيان، هڪڙو تولاءِ، ۽ ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ. 5هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو. 6۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين. 7پوءِ يسوع اچي کين هٿ لائي چيو تہ اُٿو، ۽ ڊپ نہ ڪريو. 8جڏهن هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو تڏهن يسوع کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺائون.
9۽ جڏهن اُهي جبل تان هيٺ لٿا، تڏهن يسوع حڪم ڏيئي چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ سو ڪنهن کي متان ٻڌايو. 10۽ سندس شاگردن پڇيس تہ تڏهن فقيهہ ڇو ٿا چون تہ پهريائين ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟ 11هن ورندي ڏيئي چيو تہ برابر ايلياہ اچي ٿو، اُهو سڀني شين کي موٽائي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: 12پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ انهن کيس نہ سڃاتو؛ پر جيڪي وڻين سو هن سان ڪيائون. ساڳيو انهي طرح ابن آدم بہ اُنهن جي هٿان سختيون سهندو. 13تڏهن شاگردن سمجهيو تہ هو يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي بابت ٿو اسان سان ڳالهہ ڪري.
14۽ جڏهن اُهي ميڙاڪي وٽ آيا، تڏهن هڪڙو ماڻهو وٽس آيو، ۽ سندس اڳيان سجدو ڪري چوڻ لڳو تہ 15اي خداوند، منهنجي پٽ تي رحم ڪر، جو هن کي مرگهيءَ جي بيماري آهي ۽ ڏاڍو هلاک آهي، ڇالاءِ جو بعضي هو باهہ ۾ ڪِريو پوي، ۽ بعضي پاڻيءَ ۾؛ 16۽ آئون هن کي تنهنجي شاگردن وٽ وٺي آيس، پر اُهي ڇُٽائي ڪين سگهيس.
17۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو. 18پوءِ يسوع هن کي جهڻڪيو ۽ ڀوت منجهانئس نڪري ويو، ۽ ڇوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱو ڀلو ٿي پيو. 19تڏهن شاگردن يسوع وٽ نويڪلائيءَ ۾ اچي چيو تہ اسين انهي کي ڇو ڪين ڪڍي سگهياسون؟ 20۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي. 21(پر اهو قسم دعا ۽ روزي کانسواءِ نڪرڻ جو نہ آهي.)
22۽ اڃا هو گليل ۾ رهيا پيا هئا، تہ يسوع کين چيو تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو؛ 23۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جي اُٿندو. تنهن تي هنن کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
24۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيا، تڏهن جيڪي اڌ مشقال محصول اُڳاڙيندا هئا، سي پطرس وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اوهان جو اُستاد اڌ مشقال جو محصول ڀريندو آهي يا نہ؟ 25۽ هن چيو تہ هائو. ۽ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن يسوع پهريائين ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ شمعون تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ تہ زمين جا بادشاهہ محصول ڪنهن کان ٿا وصول ڪن؟ پنهنجن پٽن کان يا ڌارين کان؟ 26۽ جڏهن هن چيو تہ ڌارين کان، تڏهن يسوع چيس تہ پٽ آجا آهن. 27پر متان اسين کين گمراهہ ڪريون، تنهنڪري تون سمنڊ ۾ وڃي ڪُنڍي وجهہ، ۽ جيڪا مڇي پهرين نڪري سا کڻ؛ ۽ جڏهن اُنهي جو وات پَٽيندين، تڏهن هڪڙو مشقال ملندءِ. سو کڻي وڃي منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هنن کي ڏي.
Currently Selected:
متي 17: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.