لوقا 5
5
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، ۽ خدا جو ڪلام پئي ٻُڌائون، تڏهن هو گنيسرت واري ڍنڍ وٽ بيٺو هو، 2۽ ڍنڍ جي ڪپ تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺائين: ۽ ماڻهن منجهانئن لهي پنهنجا ڄار پئي ڌوتا. 3۽ انهن ٻيڙين مان هڪڙي، جا شمعون جي هئي، تنهن تي چڙهي کيس چيائين تہ ڪنڌيءَ کان پرڀرو ڪر. پوءِ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ ويهي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 4۽ جڏهن تعليم ڏيئي چڪو، تڏهن شمعون کي چيائين، تہ تار پاڻيءَ ۾ هل، ۽ اوهين هڪ ڀن لاءِ پنهنجا ڄار وجهو. 5تڏهن شمعون وراڻي ڏيئي چيس، تہ سائين، اسين سڄي رات ڳهيا آهيون، پر ڪي بہ هٿ ڪين آيو اٿئون، تہ بہ تنهنجي چوڻ تي ڄار وجهان ٿو. 6۽ جڏهن ائين ڪيائون، تڏهن ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار ٿي ڦاٽن. 7۽ ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ جي سندن سنگتي هئا، تن کي ڪوٺي چيائون تہ اسان جي اچي واهر ڪريو. تنهن تي هو آيا، ۽ ٻئي ٻيڙيون اهڙيون ڪري ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. 8پر شمعون پطرس هي ڏسي يسوع جي پيرن تي ڪِري پيو، ۽ چيائين، تہ اي خداوند، مون وٽان وڃ، جو آئون گنهگار ماڻهو آهيان. 9ڇوتہ مڇين جو هيڏو ڀن ڦاسي پيو تنهنڪري کيس ۽ ٻيا جي ساڻس هئا، تن کي عجب وٺي ويو: 10۽ شمعون جا ڀائيوار زبديءَ جا پٽ، يعقوب ۽ يوحنا، سي بہ عجب ۾ پئجي ويا. ۽ يسوع شمعون کي چيو، تہ ڊڄ نہ، ڇو جو اڄ کان وٺي تون ماڻهن کي جهليندين. 11۽ جڏهن هنن پنهنجون ٻيڙيون ڪنڌيءَ تي آنديون، تڏهن سڀ ڪجهہ ڇڏي اُٿي سندس پٺيان هليا.
12۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙي شهر ۾ هو، تہ ڏسو، ڪو شخص جو سڄو ڪوڙهہ سان ڀريل هو، تنهن يسوع کي ڏسي پيرين پئي کيس نيزاري ڪري چيو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي تہ مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين. 13۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري، کيس هٿ لائي چيو تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ، ۽ يڪدم ڪوڙهہ لهي ويس. 14تڏهن تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنهن سان بہ چپ نہ چورج، پر وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار، ۽ موسيٰ جي حڪم موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ نذرانو ڏي، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي. 15پر پاڻ وڌيڪ سندس نالو ماڻهن ۾ پکڙجي ويو؛ ۽ سندس تعليم ٻڌڻ، ۽ پنهنجين بيمارين کان ڇُٽڻ لاءِ ماڻهن جا وڏا ميڙاڪا اچي مڙيا. 16پر هو جهنگ ڏانهن هليو ويو، ۽ اُتي دعا وڃي گهُريائين.
17۽ اُنهي وقت هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو تعليم ويٺي ڏنائين، ۽ فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جي گليل ۽ يهوديہ جي هر ڪنهن ڳوٺ ۽ يروشلم مان آيا هئا: ۽ صحت ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت وٽس موجود هئي. 18۽ ڏسو، ماڻهو هڪڙي اڌرنگيءَ کي کٽولي تي کڻي آيا، ۽ ڪوشش ڪيائون تہ هن کي اندر کڻي وڃي سندس اڳيان رکون. 19پر ماڻهن جي گوڙ ڪري اندر وڃڻ جي ڪا واٽ ڪانہ ملين، تنهنڪري کڏ تي چڙهي، ڇت منجهان کيس کٽولي سوڌو هيٺ لاهي، وچ ۾ يسوع جي اڳيان ڪري رکيائون. 20۽ هن سندن ايمان ڏسي چيو، تہ اي ادا، تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا. 21تڏهن فقيهہ ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا، تہ هي ڪير آهي جو ڪفر ٿو بڪي؟ خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟ 22پر يسوع سندن دل جا دليل سهي ڪري جواب ڏيئي چين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ ڪهڙا دليل ٿا ڊوڙايو؟ 23ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، هيئن چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن تہ اُٿي گهُم ڦر؟ 24پر هن لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهن معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ، ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر وڃ. 25۽ هو اُنهي دم سندن اڳيان اُٿي کڙو ٿيو، ۽ جنهن تي پيو هو سو کنيائين، ۽ خدا جي تعريف ڪندو گهر هليو ويو. 26۽ سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا؛ ۽ ڏاڍو ڊپ وٺي وين، تہ اڄ اسان هڪ عجب رنگ ڏٺو آهي.
27۽ هنن ڳالهين کانپوءِ هو ٻاهر هليو ويو، تہ ليويءَ نالي هڪڙي محصولي ٺيڪيدار کي اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين، ۽ انهي کي چيائين، تہ منهنجي پٺيان اچ. 28۽ هو سڀ ڪجهہ ڇڏي اُٿي سندس پٺيان هليو. 29۽ ليويءَ سندس لاءِ پنهنجي گهر ۾ وڏي مجلس ڪئي، ۽ ٺيڪيدارن ۽ ٻين جي، هڪ وڏي خلق اچي اُنهن سان گڏ مانيءَ تي ويٺي. 30۽ فريسي ۽ سندن فقيهہ، سندس شاگردن تي ڪُرڪي چوڻ لڳا تہ اوهين ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿا کائو پيئو؟ 31۽ يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهُرج ڪانهي، پر جيڪي بيمار آهن، تن کي آهي. 32آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي توبهہ جي لاءِ سڏڻ آيو آهيان. 33تڏهن اُنهن چيس تہ يوحنا جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آهن، ۽ دعائون گهُرندا آهن؛ ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آهن، پر تنهنجا شاگرد تہ پيا کائين پيئن. 34تنهن تي يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين اوهين اُنهن کي ڪو روزا رکائي ٿا سگهو ڇا؟ 35پر اُهي ڏينهن ايندا جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تڏهن اُنهن ڏينهن ۾ هو بہ روزا رکندا. 36۽ اُنهن کي هڪڙو مثال پڻ چئي ٻڌايائين، تہ ڪوبہ ماڻهو نئين ڪوٽ مان ٽڪر ڦاڙي پراڻي ڪوٽ تي نٿو لڳائي، نہ تہ نئون بہ ڦاٽندو، ۽ نئون ٽڪر پراڻي سان ميل بہ ڪين ڪندو. 37ڪوبہ ماڻهو تازي انگوري رس پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، نہ تہ تازي رس ساندارا ڦاڙي وجهندي، پوءِ رس بہ هاربي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. 38پر تازي رس نوَن ساندارن ۾ ڀربي آهي. 39۽ ڪوبہ ماڻهو رکيل شراب پي، نئين جو چاهہ نٿو ڪري، ڇو جو چوي ٿو تہ رکيل وڌيڪ سٺو آهي.
Currently Selected:
لوقا 5: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.