لوقا 4
4
1۽ يسوع پاڪ روح سان ڀرجي يردن نديءَ تان موٽي آيو، ۽ روح جي هدايت تي رڻ پٽ ۾ پئي گهُميو، 2۽ چاليهہ ڏينهن تائين شيطان کيس پئي آزمايو. ۽ اُنهن ڏينهن ۾ ڪجهہ بہ نہ کاڌائين: ۽ جڏهن ڏينهن پورا ٿيا تڏهن بک لڳيس. 3تنهن تي شيطان چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين، تہ هن پهڻ کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي. 4تڏهن يسوع وراڻي ڏنيس، تہ لکيل آهي، تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نٿو جيئي.“ 5پوءِ هو کيس هڪڙي مٿانهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون ڏيکاريائينس. 6۽ شيطان چيس، تہ هيءَ سموري اختياري ۽ اُنهن جي وڏائي آئون توکي ڏيندس، ڇالاءِ جو اُها مون کي سونپيل آهي: ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ٿو ڏيان. 7سو جي تون منهنجي اڳيان سجدو ڪرين تہ هيءُ سڀ تنهنجو ٿيندو. 8يسوع وراڻي ڏيئي چيس تہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر، ۽ رڳو انهي ئي جي عبادت ڪر.“ 9تنهن کانپوءِ هو يروشلم ۾ وٺي ويس، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس، تہ جي تون خدا جو فرزند آهين، تہ هتان پاڻ کي کڻي هيٺ ڪيراءِ: 10ڇوتہ لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجن ملائڪن کي حڪم ڏيندو تہ تنهنجي سنڀال ڪن: 11۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي ٺوڪر کائي.“ 12تڏهن يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ چيل آهي تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا جي آزمائش نہ وٺج.“
13پوءِ شيطان جڏهن سڀيئي آزمائشون وٺي چڪو، تڏهن ڪجهہ وقت تائين وٽانئس هليو ويو.
14۽ يسوع روح جي قدرت سان ڀرجي گليل ڏانهن موٽيو، ۽ چوڌاري سڄي ملڪ ۾ سندس هاڪ پئجي ويئي. 15۽ هو اُنهن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو رهيو، ۽ سڀني پئي سندس واکاڻ ڪئي.
16۽ هو ناصرت شهر ۾ آيو، جتي پاڻ نپنو هو، ۽ پنهنجي دستور موجب سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ ويو، ۽ پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو، 17۽ يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنائونس، سو کولي اُهو هنڌ ڪڍيائين، جتي هي لکيل هو تہ 18”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان، 19۽ خداوند جي مقبول سال جي منادي ڪريان.“ 20پوءِ ڪتاب بند ڪري خدمتگار کي ڏنائين، ۽ پاڻ ويهي رهيو: ۽ عبادتخاني ۾ سڀني جون اکيون وڃي منجهس کُتيون. 21تڏهن اُنهن کي چوڻ لڳو، تہ اڄ هيءَ لکيت اوهان جي ٻڌندي پوري ٿي آهي. 22۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟ 23تڏهن چيائينس تہ اوهين ضرور مون کي هيءُ مثال ڏيندا تہ اي طبيب، پاڻ کي تہ ڇُٽاءِ: جيڪي اسان ٻڌو آهي تہ تو ڪفرناحوم ۾ ڪيو آهي، سو هت پنهنجي وطن ۾ بہ ڪري ڏيکار. 24۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪنهن بہ نبيءَ جو پنهنجي وطن ۾ قدر نٿو ٿئي. 25پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايلياہ جي ڏينهن ۾ جڏهن ساڍا ٽي ورهيہ آسمان پوريو پيو هو، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڏڪر هو، تڏهن اسرائيل ۾ گهڻيئي بيوهہ زالون هيون، 26پر ايلياہ صيدون ملڪ جي ضارفت شهر ۾ هڪڙيءَ بيوهہ زال کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن وٽ نہ موڪليو ويو. 27۽ اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ گهڻيئي ڪوڙهيا هئا، پر منجهانئن سوريہ جي ويٺل نعمان کانسواءِ ڪنهن بہ شفا ڪانہ پاتي. 28تڏهن اهي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي عبادتخاني ۾ هئا، سي سڀيئي اچي ڏاڍا ڪاوڙيا؛ 29۽ اُٿي کڙا ٿيا، ۽ شهر کان ڪڍي ٻاهر ڪيائونس، ۽ ٽڪري جنهن تي سندن شهر ٻَڌل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ مٿان وٺي اُڇلائينس. 30پر هو سندن وچان نڪري هليو ويو.
31۽ هو ڪفرناحوم نالي گليل جي هڪڙي شهر ۾ آيو، ۽ سبت جي ڏينهن ماڻهن کي ويٺي سيکاريائين: 32۽ اُهي سندس تعليم ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويا، ڇالاءِ تہ هن جو ڪلام اختياريءَ سان هو. 33۽ عبادتخاني ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن تي ڪنهن ڀوت جي ڇانوَ هئي؛ تنهن وڏو واڪو ڪري چيو تہ 34اي يسوع ناصري، اسان جو توسان ڪهڙو واسطو؟ تون اسان کي برباد ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ تون ڪير آهين، تون خدا جو قدوس آهين. 35پوءِ يسوع دڙڪو ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري اچ. تنهن تي ڀوت هن کي وچ ۾ ڪيرائي ڪنهن بہ ايذاءُ رسائڻ کانسواءِ منجهانئس نڪري آيو. 36۽ سڀني کي عجب لڳو، ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙو ڪلام آهي؟ ڇالاءِ جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي، ۽ اُهي نڪريو اچن. 37۽ اوسي پاسي واري ملڪ ۾ جتي ڪٿي سندس هاڪ پئجي ويئي.
38پوءِ هو عبادتخاني مان اُٿي شمعون جي گهر ويو، ۽ اُتي شمعون جي سس کي ڏاڍو تپ چڙهيو هو؛ تنهن جي لاءِ کيس سوال ڪيائون. 39تڏهن هو اُنهيءَ وٽ اچي بيٺو، ۽ تپ کي جهڻڪيائين، تہ تپ ڇڏي ويس، ۽ هوءَ اُمالڪ اُٿي کڙي ٿي، ۽ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.
40۽ سج لهڻ مهل جن ماڻهن وٽ طرح طرح جي مرضن ۾ ورتل بيمار هئا، سي سڀيئي انهن کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن هرهڪ تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 41۽ ڪيترن مان ڀوت پڻ نڪتا، جن واڪو ڪري پئي چيو تہ تون خدا جو فرزند آهين. پر هن دڙڪو ڏيئي ڳالهائڻ کان روڪين: ڇالاءِ جو اُنهن کي خبر هئي تہ هو مسيح آهي.
42پوءِ جڏهن صبح ٿيو، تڏهن هو نڪري هڪڙي ويران هنڌ ويو، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪن اچي ڳولي لڌس، ۽ جهلڻ لڳس تہ اسان وٽان نہ وڃ. 43پر هن چين تہ مون کي ٻين شهرن ۾ بہ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائڻي آهي، ڇو جو آئون انهي لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان. 44۽ هو گليل جي عبادتخانن ۾ منادي ڪندو رهيو.
Currently Selected:
لوقا 4: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.