لوقا 6
6
1۽ هڪڙي سبت جي ڏينهن هيئن ٿيو جو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تڏهن سندس شاگرد سنگ پَٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا. 2فريسين مان ڪن چيو، تہ جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟ 3يسوع وراڻي ڏيئي چين تہ اوهان هيءُ بہ نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي تڏهن هن ڇا ڪيو؟ 4جو خدا جي گهر ۾ وڃي، نذر جون مانيون، جن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ ٻيا جيڪي هئا، تن کي بہ ڏنائين؟ 5۽ يسوع چين تہ ابن آدم سبت جو مالڪ آهي.
6۽ هيئن ٿيو جو ٻئي سبت جي ڏينهن هو عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو ساڄو هٿ سُڪل هو. 7فقيهن ۽ فريسين ويٺي نهاريس تہ ڏسون تہ سبت جي ڏينهن ڇُٽائي ٿو يا نہ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو وجهہ مليئون. 8پر هن کي سندن خيالن جي خبر هئي، سو سُڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيائين، تہ اُٿي وچ ۾ کڙو ٿي بيهہ، ۽ هو اُٿي کڙو ٿي بيٺو. 9يسوع چين تہ آئون اوهان کان هڪڙي ڳالهہ ٿو پڇان، تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ يا مارڻ؟ 10۽ اُنهن سڀني ڏانهن چوڌاري نهاري انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ هن ائين ڪيو تہ هٿ ڇُٽي پيس. 11پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟
12۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين. 13۽ جڏهن ڏينهن ٿيو تڏهن پنهنجن شاگردن کي سڏيائين، ۽ منجهانئن ٻارهن ڄڻا چونڊيائين، جن کي رسول پڻ ڪري ڪوٺيائين؛ 14يعني شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، ۽ يعقوب ۽ يوحنا، فلپس ۽ برتلمئي، 15۽ متي ۽ ٿوما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون جنهن کي زيلوتيس ڪري سڏيندا هئا، 16يعقوب جو پٽ يهوداہ ۽ يهوداہ اسڪريوتي جنهن جهلايس. 17۽ اُنهن سان گڏ هيٺ لهي هڪڙي ميدان ۾ اچي بيٺو، ۽ سندس شاگردن جي وڏي جماعت، ۽ سڄي يهوديہ ۽ يروشلم، ۽ صور ۽ صيدا جي سمنڊ جي ڀر مان ماڻهن جي وڏي خلق آئي، تہ سندس ڳالهيون ٻُڌن، ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين. 18۽ جيڪي ڀوتن کان ستايل هئا، سي ڇُٽي پيا. 19۽ سڄي ميڙاڪي جي مرضي هئي تہ هن کي هٿ لائيون، ڇالاءِ جو منجهانئس قدرت پئي نڪتي، ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.
20پوءِ پنهنجن شاگردن ڏانهن نهاري چيائين، تہ مبارڪ آهيو اوهين غريب: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اوهان جي آهي. 21مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي بکون ٿا ڪڍو: ڇالاءِ جو اوهين ڍائبا. مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي روئو ٿا، ڇالاءِ جو اوهين کِلندا. 22مبارڪ آهيو اوهين، جڏهن ابن آدم جي ڪري ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا، ۽ اوهان کي ڪڍي ڌار ڪندا، ۽ ڦٽ لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي نالي کي بڇڙو سمجهي رد ڪندا. 23انهي ڏينهن اوهين سرها ٿجو، ۽ خوشيءَ وچان ٽپا ڏجو: جو ڏسو تہ آسمان ۾ اوهان جو اجر وڏو آهي: ڇو تہ هنن جا ابا ڏاڏا بہ نبين سان اهڙا ئي ساڳيا پار هليا هئا. 24پر افسوس اوهان تي، جي دولتمند آهيو! ڇالاءِ جو اوهان کي پنهنجي تسلي ملي چڪي آهي. 25افسوس اوهان تي، جي هينئر ڍاول آهيو! ڇالاءِ جو اوهين بکون ڪڍندا. افسوس اوهان تي، جي هاڻي کِلو ٿا! ڇالاءِ جو اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا. 26افسوس اوهان تي، جڏهن سڀ ماڻهو اوهان کي ساراهيندا! ڇالاءِ جو هنن جا ابا ڏاڏا بہ ڪوڙن نبين سان ائين ئي ڪندا هئا.
27پر اوهين جي ٻُڌو ٿا تن کي آئون چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، جيڪي اوهان سان نفرت ڪن، تن سان ڀلائي ڪريو، 28جيڪي اوهان کي پِٽين، تن جو خير گهرو، ۽ جيڪي اوهان سان جُٺيون ڪن، تن لاءِ دعا گهرو. 29۽ جيڪو هڪڙي ڳل تي لپاٽ هڻيئي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو ڪوٽ کڻي وڃي، تنهن کي پهراڻ کڻڻ کان بہ نہ جهل. 30جيڪو گهريئي تنهن کي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو مال کڻي وڃي تنهن کان وري نہ گهُر. 31۽ جيئن اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان هلن، تيئن اوهين پڻ اُنهن سان هلو. 32۽ جيڪي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تن کي جي اوهين پيار ڪريو، تہ اُن لاءِ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڪيئن جو گنهگار بہ پنهنجن پيار ڪرڻ وارن کي پيار ٿا ڪن. 33جيڪي اوهان سان ڀلائي ٿا ڪن، تن سان جي اوهان ڀلائي ڪئي، تہ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڇو جو گنهگار بہ ائين ئي ٿا ڪن. 34۽ جن کان وري وٺڻ جي اُميد اٿوَ، تن کي جيڪڏهن اُڌارو ڏنوَ تہ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڇو تہ گنهگار بہ گنهگارن کي اُڌارو ڏيندا آهن، تہ کانئن وري اوترو ئي موٽائي وٺن. 35پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي. 36پوءِ جيئن اوهان جو پيءُ ٻاجهہ ڀريو آهي، تيئن اوهين بہ ٻاجهارا ٿيو. 37۽ عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي، ۽ ڪنهن کي ڏوهاري نہ ٺهرايو، تہ اوهين بہ ڏوهاري نہ ٺهربا. آزاد ڪريو، تہ اوهان کي بہ آزدگي ملي: 38ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.
39۽ هڪڙو مثال ڏيئي چيائين تہ انڌو، انڌي جو سونهون ٿي سگهندو ڇا؟ ٻئي ڪين وڃي کڏ ۾ ڪِرندا ڇا؟ 40شاگرد پنهنجي اُستاد کان مٿي نہ آهي، پر هرڪو، جڏهن ڪامل ٿيو، تڏهن پنهنجي اُستاد جهڙو ٿي پوندو. 41۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي، سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي، تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين؟ 42يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين. 43ڇوتہ ڪوبہ چڱو وڻ خراب ڦل نٿو ڏئي، نڪي وري خراب وڻ چڱو ڦل ٿو ڏئي. 44ڇالاءِ تہ سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ڦل مان سڃاڻبو آهي ڇوتہ ماڻهو ڪنڊين مان انجير نٿا ڇنن، ۽ نڪي ڪانڊيرن مان ڊاک. 45نيڪ ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪي چڱو آهي، سو ئي ڪڍي ٿو، ۽ خراب ماڻهو پنهنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آهي، سو ئي ٿو ڪڍي: ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندس، سو ئي وات مان ڪڍندو.
46اوهين مون کي خداوند، خداوند، ڇو ٿا چئو، ۽ جيڪي ڳالهيون اوهان کي چوان ٿو سي نٿا ڪريو؟ 47آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، ۽ منهنجو ڪلام ٻُڌي اُنهي تي هلي ٿو، سو ڪنهن جي مثل آهي: 48اُهو اُنهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن گهر اڏائڻ مهل هيٺ اونهو کوٽيو، ۽ ٽڪر تي پيڙهہ وڌائين: ۽ جڏهن اُٿل آئي، تڏهن نئين اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا لاتا، ۽ اُن کي لوڏو ئي ڪين آيو، ڇوتہ سندس پيڙهہ ٽڪر تي هئي. 49پر جيڪو ٻُڌي ٿو ۽ عمل نٿو ڪري، سو اُنهي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ کانسواءِ زمين تي گهر اڏايو، ۽ جڏهن نئين مٿس اچي سٽڪا لاتا، تڏهن اُهو يڪدم ڪِري پيو ۽ بلڪل برباد ٿي ويو.
Currently Selected:
لوقا 6: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.