۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙي شهر ۾ هو، تہ ڏسو، ڪو شخص جو سڄو ڪوڙهہ سان ڀريل هو، تنهن يسوع کي ڏسي پيرين پئي کيس نيزاري ڪري چيو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي تہ مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين. ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري، کيس هٿ لائي چيو تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ، ۽ يڪدم ڪوڙهہ لهي ويس.