يرمياہ 7
7
1اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، 2تہ خداوند جي گهر جي در وٽ بيهہ ۽ اُتي هي ڪلام پڌرو ڪر، ۽ چئُہ تہ اي يهوداہ جا رهاڪو، اوهين سڀ جي خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن درن اندر لنگهي اچو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو. 3لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ رهائيندس. 4اوهين ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو نہ رکو جو چئو ٿا تہ خداوند جي هيڪل، خداوند جي هيڪل، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي. 5ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين پوري طرح پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريندا؛ جيڪڏهن اوهين هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس پاڙيسريءَ جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪندا؛ 6جيڪڏهن اوهين مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زالن تي ظلم نہ ڪندا، ۽ هن جاءِ تي بي ڏوهين جو رت نہ وهائيندا، نڪي ٻين معبودن جي پٺيان لڳي پاڻ کي نقصان پهچائيندا: 7تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ وسائيندس، يعني انهي ملڪ ۾ جو مون قديم وقت کان وٺي هميشہ لاءِ اوهان جن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي. 8ڏسو اوهين انهن ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو ٿا رکو، جن مان ڪوبہ فائدو رسي نٿو سگهي. 9اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟ 10۽ هي گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ منهنجي اڳيان بيهي ائين چوندا ڇا تہ اسان کي خلاصي ملي آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين اهي سڀ نفرت جهڙا ڪم ڪريو؟ 11هيءُ گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، سو اوهان جي نظر ۾ ڌاڙيلن جي پاٿاري ٿي پيو آهي ڇا؟ خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، مون، هائو مون اهو ڏٺو آهي. 12پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي. 13۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو: 14تنهن ڪري جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، جنهن تي اوهين ڀروسو رکو ٿا، ۽ اُها جاءِ جا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن جو اهڙو حال ڪندس، جهڙو مون سيلا جو ڪيو آهي. 15۽ آءٌ اوهان کي پنهنجي نظر کان برطرف ڪندس، جيئن مون اوهان جن سڀني ڀائرن کي، يعني افرائيم جي سڄي نسل کي اُڇلائي ڇڏيو آهي.
16تنهن ڪري تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گهر، نڪي انهن جي لاءِ وڏيون دانهون ڪر يا عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي شفاعت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس. 17تون نٿو ڏسين ڇا تہ هو يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڇا ٿا ڪن؟ 18ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين. 19خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کي ڪاوڙجڻ لاءِ چورين ٿا، يا پاڻ کي ٿا چيڙائين تہ سندن منهن ڦڪا ٿين؟ 20تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.
21لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون پنهنجي ذبح ڪرڻ وارين قربانين سان گڏيو، ۽ اوهين ئي گوشت کائو. 22ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو تنهن ڏينهن سوختني قربانين يا ذبح ڪرڻ وارين قربانين بابت مون انهن سان نہ ڳالهايو، ۽ نہ انهن کي ڪو حڪم ڏنو: 23پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي. 24پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنو، پر پنهنجي مرضيءَ تي، ۽ پنهنجي خراب دل جي نٺرائي تي هليا، ۽ پٺ تي ويا ۽ اڳتي نہ وڌيا. 25جنهن ڏينهن کان اوهان جا ابا ڏاڏا مصر جي زمين مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، مون پنهنجا سڀ ٻانها ۽ نبي، ڏهاڙي سويل صبح جو اُٿي اوهان ڏي پئي موڪليا آهن: 26انهي هوندي بہ هنن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون، پر هنن پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ بڇڙي هلت ڪئي.
27۽ تون اهي سڀ ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ: پر هو تنهنجي نہ ٻڌندا: تون هنن کي سڏيندين بہ، پر هو توکي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا. 28۽ تون هنن کي چئُہ تہ هي اُها قوم آهي، جنهن خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو آهي، ۽ نہ ڪا سيکت حاصل ڪئي اٿن: سچائي ناس ٿي ويئي آهي، ۽ هنن جي وات مان اُها نڪري ويئي آهي.
29اي يروشلم پنهنجا وار وڍي اُڇلائي ڇڏ، ۽ اُگهاڙين ٽڪرين تي زاري ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن پيڙهيءَ تي خداوند جي ڪاوڙ آهي تنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي، 30ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني يهوداہ اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن: ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي تنهن ۾ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون رکيون آهن، ۽ انهي کي پليت ڪيو اٿن. 31۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي. 32تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن انهي کي اڳتي وري توفت ڪري نہ سڏيندا، ۽ نہ هنوم جي پٽ جي وادي سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا: ڇالاءِ جو توفت ۾ ايستائين پيا دفن ڪندا جيستائين دفن ڪرڻ جي جاءِ باقي نہ بچندي. 33۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو. 34تڏهن آءٌ يهوداہ جي شهرن مان ۽ يروشلم جي گهٽين مان خوشيءَ جو آواز، ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز، ۽ ڪنوار جو آواز، بند ڪرائي ڇڏيندس: ڇالاءِ جو زمين ويران ٿي ويندي.
Currently Selected:
يرمياہ 7: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.