يرمياہ 6
6
1اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي. 2آءٌ صيون جي ڌيءَ کي وڍي ڇڏيندس، جا خوبصورت نازنين آهي. 3ڌنار پنهنجن ڌڻن سان وٽس ايندا؛ هو سندس سامهون چوڌاري تنبو هڻندا؛ هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مال چاريندو. 4اوهين هن سان جنگ ڪرڻ جي تياري ڪريو؛ اُٿو؛ هلو تہ ٻنپهرن جو ڪاهہ ڪريون. ويل آهي اسان سان! ڇالاءِ جو ڏينهن لڙندو وڃي، ۽ شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا وڃن. 5اُٿو تہ رات جو ڪاهي هلون ۽ سندس محلات ناس ڪري ڇڏيون. 6ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي. 7جهڙيءَ طرح کوهہ پنهنجو پاڻي اُڇلائي ڪڍي ٿو تيئن هو پنهنجي شرارت اُڇلي ٿو: انهي ۾ زبردستي ۽ مار پئي ٻڌجي؛ منهنجي اڳيان سدائين بيماري ۽ زخم آهن. 8اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.
9لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو اسرائيل جي باقي بچيلن کي ڊاک وانگي چڱيءَ طرح چونڊي گڏ ڪندا: تون ڊاک چونڊيندڙ وانگي پنهنجو هٿ وري ڦيرائي ٽوڪرين ۾ وجهہ. 10آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي. 11تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت. 12۽ هنن جا گهر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس. 13ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن. 14هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي. 15جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.
16خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين. 17۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين. 18تنهن ڪري اي قومون اوهين ٻڌو، ۽ اي جماعت، اوهين ڄاڻو، تہ هنن منجهہ ڇا آهي. 19اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن. 20سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون. 21تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، تہ آءٌ هن قوم جي اڳيان آٿڙائيندڙ شيون رکندس؛ ۽ انهن تي پيءُ ۽ پٽ گڏ آٿڙندا؛ پاڙيسري ۽ ان جو دوست گڏ چٽ ٿيندا.
22خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، اُتر واري ملڪ مان هڪڙي قوم اچي ٿي؛ ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هڪڙي وڏي اُمت اُٿاري ويندي. 23هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن. 24اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن. 25ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي. 26اي منهنجي قوم جي ڌيءَ، تون کٿو چيلهہ سان ٻڌ، ۽ خاڪ ۾ ليٽ: ماتم ڪري زار زار روءُ: جيئن هڪڙي ئي هڪڙي پٽ لاءِ روئبو آهي؛ ڇالاءِ جو ڦرلٽ ڪرڻ وارو اوچتو اسان تي ايندو. 27مون توکي پنهنجي قوم ۾ هڪڙو ٺلهہ ۽ قلعو ڪيو آهي؛ انهي لاءِ تہ تون انهن جو رستو سڃاڻين ۽ آزمائين. 28هو سڀ تمام فسادي آهن، ۽ گلائون ڪندا گهمندا وتن؛ هو پتل ۽ لوهہ آهن: هو سڀ ڪپت جي هلت ٿا ڪن. 29ڌوڻي تمام زور سان پئي ٻري، شيهو باهہ جي ڪري سڙي ويو آهي: هو اجايو انهي کي پگهاري صاف ٿا ڪن؛ ڇالاءِ جو شرير پٽجي نہ ويا آهن. 30ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
Currently Selected:
يرمياہ 6: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.