ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو تنهن ڏينهن سوختني قربانين يا ذبح ڪرڻ وارين قربانين بابت مون انهن سان نہ ڳالهايو، ۽ نہ انهن کي ڪو حڪم ڏنو: پر هن ڳالهہ بابت مون هنن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ منهنجو آواز ٻڌو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا: جنهن رستي جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان انهي تي هلو، تہ اوهان جو ڀلو ٿئي.