YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 8

8
1خداوند ٿو فرمائي تہ انهيءَ وقت هو يهوداہ جي بادشاهن جا هڏا، ۽ سندس اميرن ۽ ڪاهنن جا هڏا، ۽ نبين ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا، سندن قبرن مان ڪڍندا. 2۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا. 3لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.
4انهي کان سواءِ تون هنن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ماڻهو ڪرندا ۽ وري نہ اُٿندا ڇا؟ ڪو ڦري ويندو ۽ وري نہ موٽندو ڇا؟ 5تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن. 6مون ڌيان ڏئي ٻڌو، پر هنن سچ نہ ڳالهايو: ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرارت کان پشيمان نٿو ٿئي، ۽ نٿو چوي تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ سڀڪو پنهنجي رستي ڏانهن ٿو ڦري جيئن ڪو گهوڙو جنگ ۾ ڏاڍي ڇوهہ سان ڊوڙندو آهي. 7هائو، لقلق پکي پنهنجو مقرر ڪيل وقت ڄاڻي ٿو؛ ۽ قمري ۽ ابابيل ۽ ڪنگ پنهنجي وقت تي اچن ٿا؛ پر منهنجي قوم خداوند جي عدالت نٿي ڄاڻي. 8اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين ڏاها آهيون ۽ خداوند جي شريعت اسان وٽ آهي؟ پر ڏس، ڪاتبن جي ڪوڙي قلم ڪوڙ ڪمايا آهن. 9ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟ 10تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن. 11۽ هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي؛ پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي. 12جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا. 13خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون. 14اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. 15اسان سلامتيءَ لاءِ نهاريو، پر چڱائي ڪانہ آئي: ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر رهياسين پر خوف ڏٺوسين! 16هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن. 17ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اوهان ۾ اهڙا نانگ ۽ سپ موڪليندس، جن کي منڊ لڳي نہ سگهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي اوهان کي ڏنگيندا.
18شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي. 19ڏس، منهنجي قوم جي ڌيءَ جي دانهن جو آواز ڪنهن پرانهين ملڪ مان ٿو اچي: خداوند صيون ۾ ناهي ڇا؟ انهي جو بادشاهہ ان ۾ ڪونهي ڇا؟ ڇالاءِ هنن پنهنجن اُڪريلن مورتن سان ۽ ڌارين اجاين ڳالهين سان مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي؟ 20فصل لهي ويا آهن، اونهارو اچي پورو ٿيو آهي، پر اسان کي ڇوٽڪارو ڪونہ مليو آهي. 21پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي ايذاءُ ڪري مون کي ايذاءُ رسيو آهي: آءٌ ڏکي ٿي پيو آهيان؛ مون کي حيراني وٺي وئي آهي. 22جلعاد ۾ مرحم ڪونهي ڇا؟ اُتي ڪو طبيب ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو منهنجي قوم جي ڌيءَ چڱي ڀلي نٿي ٿئي.

Currently Selected:

يرمياہ 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 8