يرمياہ 9
9
1اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها! 2اڙي جي بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافر خانو هجي ها تہ چڱو هو؛ جو آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي منجهان نڪري وڃان ها! ڇالاءِ جو اُهي سڀ زناڪار ۽ دغاباز ماڻهن جي هڪڙي جماعت آهن. 3۽ ڪوڙ جي لاءِ پنهنجي زبان ڪمان وانگي ٿا موڙين: ۽ هو ملڪ ۾ زور وارا ٿيا آهن، پر نہ سچ جي لاءِ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو بڇڙائي ڏي وڌندا ٿا وڃن ۽ مون کي نٿا سڃاڻن. 4اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کان خبردار رهي، ۽ پنهنجي ڪنهن بہ ڀاءُ تي اوهين ڀروسو نہ رکو: ڇالاءِ جو سڀڪو ڀاءُ ضرور دغا ڪندو، ۽ سڀڪو پاڙيسري گلا غيبت ڪندو. 5۽ انهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي فريب ڏيندو ۽ سچ نہ چوندو: هنن پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو آهي؛ هو گناهہ ڪري پاڻ کي ٿڪائين ٿا. 6تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.
7تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن کي پگهاريندس ۽ آزمائيندس؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي سبب، ٻيو ڇا ڪريان؟ 8هنن جي زبان هڪڙو موت مار تير آهي؛ اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري؛ هر هڪ وات پنهنجي پاڙيسريءَ سان خير سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر پنهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڇپ ماري ويهي ٿو. 9خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟
10جبلن جي لاءِ آءٌ رئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندس ۽ بيابان جي چراگاهن لاءِ ماتم ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي اهڙا سڙي ويا آهن جو ڪوبہ انهن مان نٿو لنگهي؛ ۽ نہ ماڻهو ڍورن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا: هوا جا پکي توڙي جانور ڀڄي هليا ويا آهن. 11۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.
12اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟ 13۽ خداوند فرمائي ٿو تہ ڇالاءِ جيڪا شريعت مون هنن جي اڳيان رکي سا هنن ڇڏي ڏني آهي، ۽ منهنجو فرمان نہ مڃيو اٿن، ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن هنن کي سيکاريو انهيءَ تي نہ هليا آهن، 14بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو. 15تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس. 16آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.
17لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ويچار ڪريو ۽ ماتم ڪندڙن زالن کي گهرايو تہ اچن؛ ۽ هوشيار زالن کي بہ سڏايو تہ اچن: 18۽ جلدي ڪري اسان جي لاءِ اوسارڻ قبول ڪن، تہ اسانجين اکين مان ڳوڙها وهن، ۽ اسان جن ڇپرن مان پاڻي جاري ٿئي. 19ڇالاءِ جو صيون منجهان هڪڙو واويلا جو آواز ٿو ٻڌجي تہ اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين تمام گهڻو شرمندا ٿيا آهيون، جو اسان اها زمين ڇڏي ڏني آهي، ۽ اسان جا گهر ڊاهي ڪيرائي وڌا اٿن. 20اي زالون، اڃا بہ اوهين خداوند جو آواز ٻڌو تہ سندس وات جو ڪلام اوهان جن ڪنن تي پوي، ۽ اوهين پنهنجي ڌيئرن کي اوسارڻ سيکاريو، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙي واريءَ کي ماتم ڪرڻ سيکاري. 21ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي. 22چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ماڻهن جا مڙهہ کليل ميدان تي ائين ڪرندا جيئن ڇيڻا، ۽ جيئن لاباري ڪندڙ جي پٺيان ڪريل سٽا، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪين ڪندو.
23خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري: 24پر جيڪو فخر ٿو ڪري سو هن تي فخر ڪري تہ هو سمجهي ٿو، ۽ مون کي سڃاڻي ٿو، تہ آءٌ خداوند آهيان، جو زمين تي رحمت، ۽ انصاف، ۽ سچائي ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اهڙين ڳالهين مان خوش ٿو ٿيان. 25خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ طهريلن کي اڻ طهريلن وانگر، يعني سڀني کي سزا ڏيندس. 26مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.
Currently Selected:
يرمياہ 9: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.