يرمياہ 17
17
1يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛ 2۽ سندن اولاد پنهنجون قربان گاهون، ۽ پنهنجون يسيرتون، ساون وڻن جي ڀرسان ۽ مٿانهين ٽڪرين تي ياد ٿو رکي. 3اي منهنجا جبل تون جو ميدان ۾ آهين، گناهہ جي ڪري آءٌ تنهنجن سڀني سرحدن ۾ تنهنجو سڀ مال، ۽ تنهنجا سڀ خزانا، ۽ تنهنجون سڀ مٿانهيون جايون لٽ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندس. 4۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.
5خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي. 6ڇالاءِ جو هو برپٽ ۾ سڪل ٻوٽي وانگي ٿيندو، ۽ چڱائي جي اچڻ جو سماءُ ئي نہ پوندس؛ پر بيابان جي سڪل جاين ۾، ۽ کاري ۽ سڃي زمين ۾ رهندو. 7برڪت وارو آهي اهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جنهن جي اميد آسرو خداوند آهي. 8ڇالاءِ جو هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جو پنهنجون پاڙون نديءَ جي ڪناري تي پيو پکيڙي، انهن کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ ڊپ نہ ٿيندو، ۽ سندس پن ساوا رهندا: ۽ خشڪ ساليءَ جي ڪابہ ڳڻتي نہ هونديس، ۽ نہ ڦر ڏيڻ کان بس ڪندو. 9دل سڀني شين کان وڌيڪ دغاباز آهي، ۽ اُها حد کان وڌيڪ بيمار آهي: انهي کي ڪير معلوم ڪري سگهي ٿو؟ 10آءٌ خداوند دلين کي ٿو چڪاسيان، ۽ گردن جي آزمائش ٿو وٺان، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال موجب، ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان. 11جيئن تتر انهن ٻچن کي گڏ ڪري جي پاڻ نہ ڏنا هجنس، تيئن اُهو ماڻهو آهي جو ناحق دولت حاصل ٿو ڪري، هن جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اُها کيس ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ هو بيوقوف ٿيندو.
12اسان جو پاڪ مڪان شروع کان وٺي بلنديءَ تي مقرر ٿيل هڪڙو عاليشان تخت آهي. 13اي خداوند، اسرائيل جي اميد، جيڪي توکي ڇڏي ڏين ٿا سي سڀ شرمندا ٿيندا: جيڪي مون کي ڇڏي ڏيندا سي مٽيءَ ۾ گڏيا ويندا، ڇالاءِ جو انهن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، جو جيئري پاڻيءَ جو چشمو آهي. 14اي خداوند، مون کي شفا ڏي، تہ آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس؛ مون کي بچاءِ تہ آءٌ بچندس؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو فخر آهين. 15ڏس، هو مون کي ٿا چون تہ خداوند جو ڪلام ڪٿي آهي؟ ڀلي اهو هينئر اچي. 16باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو. 17تون منهنجي لاءِ خوف جو سبب نہ ٿيءُ؛ تون مصيبت جي ڏينهن منهنجي پناهہ آهين. 18جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.
19خداوند مون کي فرمايو، تہ وڃي عام خلق جي دروازي تي بيهہ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ لنگهي اچن وڃن ٿا، ۽ يروشلم جي سڀني دروازن تي بہ؛ 20۽ انهن کي چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو، جي هنن دروازن مان لنگهو ٿا، خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ 21خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي سنڀال ڪريو ۽ سبت جي ڏينهن ڪوبہ بار نہ کڻو، ۽ نہ اُهو يروشلم جي دروازن اندر آڻيو؛ 22نڪي سبت جي ڏينهن پنهنجن گهرن مان بار کڻي ٻاهر وڃو، ۽ نہ ڪو ڪم ڪريو: پر اوهين سبت جو ڏينهن پاڪ رکو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو؛ 23پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنائون؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، تہ نہ ٻڌن ۽ نہ تعليم حاصل ڪن. 24۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اوهين ڪوشش ڪري منهنجي ٻڌندا، ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، پر سبت جو ڏينهن پاڪ رکندا، ۽ ان ۾ ڪو ڪم ڪار نہ ڪندا؛ 25تہ پوءِ هن شهر جي دروازن مان بادشاهہ ۽ شهزادا اندر لنگهي ايندا، ۽ دائود جي تخت تي ويهندا: ۽ هو ۽ انهن جا امير، ۽ يهوداہ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا رهاڪو، گاڏين ۽ گهوڙن تي سوار ٿي ايندا: ۽ هي شهر هميشہ لاءِ قائم رهندو. 26۽ هو يهوداہ جي شهرن مان، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن مان، ۽ بنيمين جي زمين مان، ميدان ۽ جبلن مان، ۽ ڏکڻ مان ايندا، ۽ سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون، ۽ نذرانا ۽ لوبان آڻيندا ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون بہ خداوند جي گهر ۾ آڻيندا. 27پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.
Currently Selected:
يرمياہ 17: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.