YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 16

16
1خداوند جو هي ڪلام بہ مون تي نازل ٿيو، تہ 2تون پنهنجي لاءِ ڪا زال نہ ڪج ۽ نڪي هن هنڌ توکي ڌيئون ۽ پٽ ٿين. 3ڇالاءِ جو جيڪي پٽ ۽ ڌيئون هن هنڌ ڄايون آهن، ۽ جن زالن انهن کي ڄڻيو آهي، ۽ جن مان اُهي پيدا ٿيا آهن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي: 4تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا. 5ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تون ماتم ڪندڙ جي گهر ۾ نہ گِهڙ؛ نہ ماتم ڪرڻ لاءِ وڃ، ۽ نہ هنن جي لاءِ ڪو افسوس ڪر: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هن قوم تان خير سلامتي، بلڪ محبت جهڙي مهرباني ۽ مروت کڻي ورتي آهي. 6وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا: 7نڪي ماڻهو هنن جي لاءِ ماتم جي وقت ماني ڀڃندا، انهي لاءِ تہ مئن جي لاءِ هنن کي تسلي ڏين: نڪو ماڻهو هنن کي سندن پيءُ ۽ سندن ماءُ جي لاءِ دلاسي جو پيالو پياريندا. 8۽ تون خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ هنن سان گڏ نہ ويهي کائج پيئج. 9ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجن اکين آڏو ۽ تنهنجن ڏينهن ۾ هن هنڌ تان خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس. 10۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ٻڌائيندين، ۽ هو توکي چوندا تہ ڇالاءِ خداوند هيڏي ساري خرابي اسان تي نازل ڪئي آهي؟ يا اسان جو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ يا اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي؟ 11تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛ 12۽ اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ خرابي ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو ڏسو، اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دل جي نٺرائي موجب ٿو هلي، جنهن ڪري اوهين منهنجي نٿا ٻڌو: 13تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.
14تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري اڳتي چوڻ ۾ نہ ايندو تہ انهي جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو؛ 15پر هيئن چوڻ ۾ ايندو تہ انهيءَ جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي اُتر واري زمين مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ هن انهن کي هڪالي موڪليو هو انهن مان، کين ڪڍي آندو: ۽ آءٌ انهن کي وري بہ سندن انهي ملڪ ۾ آڻيندس جو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. 16ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا. 17ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي. 18۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن. 19اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. 20ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ اهڙا ڪي معبود جوڙيندو ڇا، جي حقيقت ڪري خدا ناهن؟ 21تنهن ڪري ڏس، آءٌ هنن کي ڄاڻائيندس، هن ڀيري پنهنجو هٿ ۽ پنهنجو زور هنن کي ڄاڻائيندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ منهنجو ئي نالو يهوواہ آهي.

Currently Selected:

يرمياہ 16: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 16