يرمياہ 15
15
1تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن. 2۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو مون کي چوندا تہ اسين ڪيڏي هليا وڃون؟ تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي موت ڏي وڃن؛ ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن سي ترار ڏي؛ ۽ جيڪي ڏڪار جي لاءِ آهن سي ڏڪار ڏي؛ ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڏي وڃن. 3۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي لاءِ چئن قسمن جون آفتون نازل ڪندس: ترار ڪهڻ جي لاءِ، ۽ ڪتا ڦاڙڻ جي لاءِ، آسمان جا پکي ۽ زمين جا جانور کائڻ ۽ ناس ڪرڻ جي لاءِ. 4جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ منسي بن حزقياہ، يروشلم ۾ ڪيو تنهنجي نسبت آءٌ هنن کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ دربدر ڪري رلائيندس. 5ڇالاءِ جو اي يروشلم، ڪنهن کي توتي رحم ايندو؟ يا ڪير تنهنجي لاءِ افسوس ڪندو؟ يا ڪير لڙي اچي تنهنجي خير عافيت پڇندو؟ 6خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان. 7۽ مون هنن کي هن ملڪ جي چونڪن ۾ پاهوڙي سان اڏايو آهي؛ مون هنن کان ٻار کسي ورتا آهن، مون پنهنجي قوم کي ناس ڪري ڇڏيو آهي؛ تہ بہ هو پنهنجن رستن کان باز نہ آيا آهن. 8هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي. 9جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.
10ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي. 11خداوند فرمايو تہ يقيناً آءٌ توکي چڱائيءَ جي لاءِ مضبوط ڪندس؛ يقيناً، آءٌ مصيبت ۽ تنگيءَ جي وقت دشمن کي تو وٽ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليندس.
12ڪو ماڻهو لوهہ کي، يعني اُتر مان آيل لوهہ کي، ۽ پتل کي ڀڃي سگهندو ڇا؟ 13آءٌ تنهنجي ملڪيت ۽ تنهنجا خزانا، جي تنهنجن سڀني گناهن سبب تنهنجن سرحدن ۾ آهن، تن کي بنا قيمت لٽائي ڦرائي ڇڏيندس. 14۽ آءٌ انهن کي تنهنجي دشمنن وٽ انهي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن جي توکي خبر ڪانهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ جي باهہ اوهان تي ٻري آهي.
15اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن. 16تنهنجو ڪلام مون لڌو، ۽ اُهو مون کاڌو؛ ۽ تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ منهنجي دل جي سرهائي هيون: ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند خدا، آءٌ تنهنجي نالي سان ٿو سڏجان. 17جيڪي چرچا گهٻا ٿا ڪن تن جي مجلس ۾ آءٌ نہ ويٺس ۽ نہ خوشي ڪيم: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪري اڪيلو ويٺس؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڪاوڙ سان ڀري ڇڏيو آهي. 18ڇا جي ڪري منهنجو درد مدامي آهي، ۽ منهنجو زخم ڇٽڻ جهڙو نہ آهي، ۽ علاج کان انڪار ٿو ڪري؟ تحقيق تون منهنجي لاءِ دغا ڏيندڙ نهر وانگي ٿيندين ڇا جنهن جي پاڻيءَ تي ڀروسو ڪونهي؟
19تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون موٽندين تہ آءٌ بہ توکي وري موٽائيندس تہ منهنجي اڳيان اچي بيهين؛ ۽ جيڪڏهن تون پاڪ کي ناپاڪ مان ڪڍي ڌار ڪندين، تہ تون منهنجي وات جهڙو ٿيندين؛ هو تو ڏي موٽي ايندا پر تون هنن ڏي موٽي نہ ويندين؛ 20۽ آءٌ توکي هن قوم جي لاءِ هڪڙي مضبوط پتل جي ڀت ڪندس، ۽ هو تو سان وڙهندا پر تو تي غالب نہ ايندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ توکي بچائڻ ۽ ڇڏائڻ لاءِ آءٌ توسان آهيان. 21۽ آءٌ توکي شريرن جي هٿان بچائيندس، ۽ آءٌ توکي زبردستن جي هٿان ڇڏائيندس.
Currently Selected:
يرمياہ 15: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.