YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 14

14
1خداوند جو ڪلام جو خشڪ ساليءَ جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو. 2يهوداہ ماتم ڪري ٿو ۽ انهن جون منڊيون ملول آهن، اهي ڪارن ڪپڙن ۾ زمين تي ويٺا آهن؛ ۽ يروشلم جي دانهن مٿي چڙهي وئي آهي. 3۽ انهن جا امير پنهنجا ملازم پاڻيءَ تي موڪلين ٿا: اهي کوهن تي اچن ٿا، پر پاڻي ڪونہ ٿا ڏسن: ۽ پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا وڃن: اُهي شرمندا ۽ لڄي آهن، ۽ پنهنجا مٿا ڍڪي ٿا ڇڏين. 4ڇالاءِ جو زمين سڪي پئي آهي، ۽ ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو آهي، هاري شرمندا آهن ۽ پنهنجا مٿا ڍڪين ٿا. 5هائو، ميدان ۾ هرڻي ٻچو ڄڻي ٿي ۽ انهي کي ڇڏي ڏئي ٿي، جو اُتي گاهہ ڪونهي. 6۽ گورخر اُگهاڙين ٽڪرين تي بيٺا آهن ۽ گدڙن وانگي پيا سهڪن؛ هنن جي اکين ۾ ڌنڌ آهي، ڇالاءِ جو گاهہ ڪونهي.
7جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. 8اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟ 9تون ڇو انهي منجهيل ماڻهوءَ وانگي ٿيو آهين، ۽ انهيءَ بهادر وانگي جو بچائي نٿو سگهي؟ انهيءَ هوندي بہ اي خداوند، تون اسان جي وچ ۾ آهين، ۽ اسين تنهنجي نالي ٿا سڏجون؛ تون اسان کي ڇڏي نہ ڏي.
10خداوند پنهنجي قوم بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هي بہ اُنهيءَ طرح رلڻ پسند ٿا ڪن؛ هنن پنهنجن پيرن کي نہ روڪيو آهي: تنهن ڪري خداوند هنن کي قبول نٿو ڪري؛ هاڻي هو هنن جي بدڪاري ياد ڪندو، ۽ هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو. 11۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هن قوم جي چڱائيءَ لاءِ دعا نہ گهر. 12جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس. 13تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس. 14تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ اهي نبي منهنجي نالي تي ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا: مون انهن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ نہ مون هنن کي ڪو حڪم ڏنو آهي، نڪي مون هنن سان ڳالهايو: هو اوهان کي ڪوڙو خواب ۽ ڪوڙي فال ۽ نڪمي ڳالهہ، يعني پنهنجي دل جي فريب جي نبوت ٿا ٻڌائين. 15تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي منهنجي نالي تي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ جيتوڻيڪ مون هنن کي نہ موڪليو، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ترار ۽ ڏڪار هن ملڪ تي نہ ايندو: اهي نبي ترار ۽ ڏڪار سان ئي ماري کپايا ويندا. 16۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس. 17۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي. 18جيڪڏهن آءٌ ميدان تي نڪري ويندس، تہ پوءِ ترار جا ڪُٺل ڏسج! ۽ جيڪڏهن آءٌ شهر ۾ ويندس، تہ پوءِ ڏڪار جا ڏتڙيل ڏسج! نبي توڙي ڪاهن ٻئي ملڪ ۾ پيا گهمن، پر ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوين. 19تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو! 20اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. 21پنهنجي نالي جي واسطي اسان کي نہ ڌڪار، پنهنجي جلال جي تخت کي بي عزت نہ ڪر: اسان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ياد ڪر، ۽ انهي کي نہ ڀڃ. 22غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.

Currently Selected:

يرمياہ 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 14