1
يرمياہ 22:14
Sindhi Bible
غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.
Compare
Explore يرمياہ 14:22
2
يرمياہ 7:14
جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.
Explore يرمياہ 14:7
3
يرمياہ 20:14-21
اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. پنهنجي نالي جي واسطي اسان کي نہ ڌڪار، پنهنجي جلال جي تخت کي بي عزت نہ ڪر: اسان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ياد ڪر، ۽ انهي کي نہ ڀڃ.
Explore يرمياہ 14:20-21
Home
Bible
Plans
Videos