يرمياہ 18
18
1خداوند جو ڪلام جو يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 2اُٿ ۽ ڪنڀار جي گهر وڃ جتي آءٌ توکي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندس. 3تڏهن آءٌ ڪنڀار جي گهر ويس، ۽ ڏس هن چڪ تي پنهنجو ڪم ويٺي ڪيو. 4۽ جيڪو ٿانوَ هن مٽيءَ مان ويٺي جوڙيو سو جڏهن انهي ڪنڀار جي هٿ ۾ کري پيو، تڏهن جيئن انهي ڪنڀار کي چڱو نظر آيو تيئن هن انهي جي بدران ٻيو ٿانوَ جوڙيو.
5تڏهن خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 6خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان سان ائين نہ ٿو ڪري سگهان ڇا، جيئن هيءُ ڪنڀار ٿو ڪري؟ ڏس، اي اسرائيل جا گهراڻا، جيئن مٽي ڪنڀار جي هٿ ۾ آهي تيئن اوهين منهنجي هٿ ۾ آهيو. 7جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، اُن جي پٽي ڪڍڻ، ۽ ڀڃي ڊاهي وجهڻ، ۽ ناس ڪرڻ لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛ 8جي اها قوم، جنهن جي نسبت مون ڪي ڳالهايو هوندو، سا پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي، تہ پوءِ اُنهن کي جنهن خرابي پهچائڻ جو خيال ڪيو هوندم سا نہ پهچائيندس. 9۽ جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، ان جي اڏڻ ۽ ڄمائڻ جي لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛ 10انهي وقت جي اُها قوم منهنجي ڏسندي ڪا بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي، تہ پوءِ جنهن چڱائيءَ جي وسيلي فائدي پهچائڻ لاءِ کين چيو هوم تنهن کان آءٌ ڦرندس. 11تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري. 12پر هو چون ٿا تہ ڪابہ اميد ڪانهي: ڇالاءِ جو اسين پنهنجن تجويزن تي هلنداسين، ۽ اسان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي دل جي نٺرائي موجب ڪم ڪندو.
13تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي. 14لبنان جي برف، جا ٽڪر تان ميدان ۾ وهي ٿي سا ڪڏهن بند ٿي ويندي ڇا؟ يا ٿڌو پاڻي جو پري کان اچي ٿو سو سڪي ويندو ڇا؟ 15پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي، 16تہ پنهنجي ملڪ کي ويران ۽ هميشہ جي لاءِ شوڪار جو باعث بنائين؛ جيڪو بہ اتان لنگهندو سو حيران ٿيندو ۽ پنهنجو سر ڌوڻيندو. 17آءٌ هنن کي دشمنن جي اڳيان ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن اُڀرندي جي واءُ سان؛ آءٌ مصيبت جي ڏينهن هنن جي پٺ ڏسندس ۽ نہ هنن جو منهن.
18تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.
19اي خداوند، مون ڏي ڌيان ڪر، ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن جو آواز ٻڌ. 20ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان. 21تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن. 22ڀلي تہ هنن جي گهرن مان تڏهن دانهن نڪري جڏهن تون اوچتو مٿن هڪڙو لشڪر آڻي ڪڙڪائين: ڇالاءِ جو هنن مون کي پڪڙڻ جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي پيرن جي لاءِ ڦندا رکي ڇڏيا اٿن. 23هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.
Currently Selected:
يرمياہ 18: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.