برڪت وارو آهي اهو ماڻهو جو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ جنهن جي اميد آسرو خداوند آهي. ڇالاءِ جو هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جو پنهنجون پاڙون نديءَ جي ڪناري تي پيو پکيڙي، انهن کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ ڊپ نہ ٿيندو، ۽ سندس پن ساوا رهندا: ۽ خشڪ ساليءَ جي ڪابہ ڳڻتي نہ هونديس، ۽ نہ ڦر ڏيڻ کان بس ڪندو.