YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 61

61
1خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان. 2۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان. 3جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي. 4۽ اهي قديم ويران جايون اڏيندا، ۽ اڳوڻيون سڃيون جايون کڙيون ڪندا، ۽ اهي ويران شهرن ۾ گهڻين پيڙهين جي سڃين جاين جي مرمت ڪندا. 5۽ ڌاريا ماڻهو بيهي اوهان جا ڌڻ چاريندا، ۽ پرديسي اوهان جا هاري ۽ باغائي ٿيندا. 6پر اوهين خداوند جا ڪاهن سڏبا: ماڻهو اوهان کي اسان جي خدا جا خادم سڏيندا: اوهين قومن جي دولت کائيندا، ۽ انهن جو شان حاصل ڪري اوهين فخر ڪندا. 7اوهان جي شرمندگيءَ جي عيوض اوهان کي ٻيڻو ملندو؛ ۽ مونجهاري جي واسطي اوهين پنهنجي ڀاڱي تي خوش ٿيندا: تنهن ڪري اهي پنهنجي ملڪ ۾ ٻيڻي جا مالڪ ٿيندا: انهن کي هميشہ جي خوشي حاصل ٿيندي. 8ڇالاءِ جو آءٌ خداوند عدالت کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ڦرمار ۽ بي انصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان: آءٌ انهن کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ آءٌ انهن سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس. 9۽ انهن جو نسل قومن ۾ مشهور ٿيندو، ۽ انهن جو اولاد اُمتن ۾: جيڪي انهن کي ڏسندا سي سڀ قبول ڪندا تہ هي اهو نسل آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.
10آءٌ خداوند ۾ گهڻو خوش ٿيندس، منهنجو روح منهنجي خدا ۾ راضي رهندو؛ ڇالاءِ جو هن جيئن ڪو گهوٽ پاڻ کي ڇٽ سان سينگاري، يا ڪا ڪنوار پاڻ کي جواهرن سان سينگاري، تيئن مون کي نجات جي پوشاڪ پهرائي آهي، هن مون کي راستبازيءَ جو وڳو ڍڪايو آهي. 11ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.

Currently Selected:

يسعياہ 61: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in