خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان. ۽ خداوند جي مقبول سال، ۽ خدا جي بدلي وٺڻ جي ڏينهن جي پڌرائي ڪريان؛ ۽ جيڪي ماتم ٿا ڪن، تن سڀني کي دلاسو ڏيان. جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.