يسعياہ 62
62
1صيون جي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس، ۽ يروشلم جي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيسين ڪ هن جي راستبازي روشنائيءَ وانگي ظاهر نہ ٿيندي، ۽ هن جي نجات ٻرندڙ ڏيئي وانگي نہ ڏسبي. 2۽ قومون تنهنجي راستبازي ڏسنديون، ۽ سڀ بادشاهہ تنهنجو جلال ڏسندا: تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جو خداوند جي واتان ڏنو ويندو. 3تون خداوند جي هٿ ۾ سونهن جو تاج ٿيندينءَ، ۽ پنهنجي خدا جي هٿ ۾ شاهي ڇٽ ٿيندينءَ. 4تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي. 5جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.
6اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو. 7۽ جيسين هو يروشلم کي قائم نہ ڪري، ۽ انهي کي زمين تي تعريف جي لائق نہ ڪري، تيسين هن کي آرام نہ ڏيو. 8خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا. 9پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا.
10لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو. 11ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي. 12هو انهن کي پاڪ اُمت، ۽ خداوند جا ڇڏايل سڏيندا: ۽ تون ڳولي ڪڍيل، ۽ آباد شهر سڏبينءَ.
Currently Selected:
يسعياہ 62: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.