YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 60

60
1اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي. 2ڇالاءِ جو ڏس، اوندهہ زمين کي ڍڪي ڇڏيندي، ۽ گهاٽي اوندهہ قومن کي: پر خداوند توتي ظاهر ٿيندو، ۽ هن جو جلال توتي ڏسڻ ۾ ايندو. 3۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا. 4پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا. 5تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا. 6اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا. 7قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس. 8هي ڪير آهن جي بادلن وانگر، ۽ جيئن ڪبوتر پنهنجين درين ڏانهن اُڏامن، تيئن اُڏامندا ٿا اچن؟ 9يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي. 10۽ ڌاريا ماڻهو تنهنجون ڀتيون اڏيندا، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا: ڇالاءِ جو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ توکي ڌڪ هنيو، ۽ وري پنهنجيءَ مهربانيءَ ڪري توتي رحم ڪيو اٿم. 11تنهنجا دروازا بہ هميشہ کليل رهندا؛ اهي نہ ڏينهن جو بند ٿيندا نہ رات جو؛ انهي لاءِ تہ ماڻهو قومن جي دولت کڻي، ۽ پنهنجن بادشاهن کي ساڻ وٺي تو وٽ اچن. 12ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون. 13لبنان جو جلال، يعني صنوبر جا وڻ، ۽ ديال ۽ شمشاد جو ڪاٺ گڏجي تو وٽ ايندا، تہ منهنجي پاڪ مڪان کي سينگارين، آءٌ پنهنجيءَ قدمگاهہ کي جلالي ڪندس. 14۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا. 15جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس. 16تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان. 17آءٌ پتل جي بدران سون آڻيندس، ۽ لوهہ جي بدران چاندي آڻيندس، ۽ ڪاٺ جي بدران پتل، ۽ پهڻن جي بدران لوهہ: آءٌ تنهنجن عملدارن کي سلامتي، ۽ تنهنجي ڍل اُڳاڙڻ وارن کي سچائي بنائيندس. 18تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ. 19اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو. 20تنهنجو سج اڳتي وري نہ لهندو، نڪي چنڊ وري گم ٿي ويندو: پر خداوند تنهنجي هميشہ جي روشنائي ٿيندو، ۽ تنهنجي ماتم جا ڏينهن پورا ٿي ويندا. 21تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي. 22هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس.

Currently Selected:

يسعياہ 60: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in