YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 59

59
1ڏسو، خداوند جو هٿ ننڍو نہ ٿيو آهي، جو هو بچائي نہ سگهي؛ نڪي هن جو ڪن گهٻرو ٿيو آهي، جو هو ٻڌي نہ سگهي: 2پر اوهانجين بدڪارين اوهان ۽ اوهان جي خدا جي وچ ۾ جدائي ڪئي آهي، ۽ اوهان جي گناهن هن جو منهن اوهان کان لڪايو جنهن ڪري هو نٿو ٻڌي. 3ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن. 4ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين. 5اهي نانگ جي بيدن تي آرو ڪن ٿا، ۽ ڪوريئڙي جو ڄارو ٿا اُڻين: جيڪو انهن جي بيدن مان کائي ٿو سو مري ٿو، جيڪو چپجي ٿو تنهن مان نانگ ٿو نڪري. 6انهن جي ڄارن مان ڪپڙا نہ ٺهندا، نڪي هو پاڻ کي پنهنجن ڪمن سان ڍڪيندا: انهن جا ڪم بدڪاريءَ جا آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ ظلم جو ڪم آهي. 7انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي. 8سلامتيءَ جي رستي جي انهن کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهن جي هلت چلت ۾ انصاف ڪونهي: انهن پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن؛ جيڪو انهن تي هلي ٿو تنهن لاءِ سلامتي ڪانهي. 9تنهن ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ سلامتي اسان تائين نٿي پهچي: اسين سوجهري لاءِ نهاريون ٿا، پر اوندهہ ٿا ڏسون؛ روشنائيءَ لاءِ ٿا نهاريون، پر انڌڪار ۾ ٿا هلون. 10اسين انڌن وانگي ڀت لاءِ هٿوراڙيون ٿا هڻون، هائو، انهن وانگي هٿوراڙيون ٿا هڻون جن کي اکيون ڪينهن: اسين ٻنپهرن جو ائين ٿاٻا ٿا کائون جيئن اونداهيءَ ۾؛ اسين تازن توانن جي وچ ۾ مئلن وانگي آهيون، 11اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي. 12ڇالاءِ جو اسان جا قصور تنهنجي اڳيان وڌي ويا آهن، ۽ اسان جا گناهہ اسان جي برخلاف شاهدي ٿا ڀرين: ڇو تہ اسان جا قصور اسان سان آهن، ۽ اسانجين بدڪارين جي اسان کي خبر آهي: 13جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون. 14۽ عدالت پٺ تي موٽائي ويئي آهي، ۽ راستبازي پري بيٺي آهي: ڇالاءِ جو سچ جو گهٽيءَ ۾ قدر ڪونهي، ۽ ايمانداري اندر اچي نٿي سگهي. 15هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو. 16۽ هن ڏٺو تہ ڪو ماڻهو ڪونهي، ۽ عجب لڳس تہ ڪو شفاعت ڪرڻ وارو ڪونهي: تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ٻانهن سان هن جي لاءِ نجات آندي؛ ۽ هن جي راستبازيءَ هن کي سنڀاليو. 17هن راستبازيءَ کي زرهہ وانگي ڍڪيو، ۽ نجات جو ٽوپ مٿي تي رکيائين؛ ۽ هن ڪپڙن جي بدران انتقام جي پوشاڪ ڍڪي، ۽ جوش جو جامو پاتائين. 18هو انهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو، پنهنجن مخالفن تي غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو؛ ٻيٽن کي هو پورو بدلو ڏيندو. 19تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي. 20خداوند فرمائي ٿو تہ صيون ڏانهن، ۽ يعقوب ۾ جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن، تن ڏانهن هڪڙو نجات ڏيندڙ ايندو. 21۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.

Currently Selected:

يسعياہ 59: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in