YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 58

58
1وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ. 2انهي هوندي بہ اهي هر روز مون کي ڳولين ٿا، ۽ منهنجن رستن معلوم ڪرڻ ۾ خوش ٿا ٿين: جيئن ڪا قوم راستبازيءَ جا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي حڪمن تي هلي ٿي، تنهن وانگي هو مون کان راستيءَ جا ڪم ٿا گهرن، ۽ خدا جي ويجهو وڃڻ ۾ خوش ٿا ٿين. 3هو چون ٿا تہ اسين ڇو روزا ٿا رکون جڏهن تون اهي نٿو ڏسين؟ اسين ڇو پنهنجيءَ جان کي ڏک ٿا ڏيون جڏهن تون انهي جي خبر نٿو رکين؟ ڏسو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين پنهنجي خوشي پوري ٿا ڪريو، ۽ زوريءَ ٻين کان ٿا وٺو. 4ڏسو، اوهين جهيڙي ۽ تڪرار لاءِ روزو ٿا رکو، ۽ انهيءَ لاءِ تہ شرارت سان مُڪون هڻو: اوهين اڄ ڪلهہ اهڙو روزو نٿا رکو جو اوهان جو آواز آسمان ۾ ٻڌڻ ۾ اچي. 5اهڙو روزو مون کي پسند آهي ڇا؟ يا اهڙو ڏينهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي؟ يا ڪاني وانگي پنهنجو مٿو جهڪائي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي ۽ رک پکيڙي؟ انهي کي تون روزو چوندين ڇا، ۽ خداوند وٽ ثاب پوڻ جو ڏينهن چوندين ڇا؟ 6جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي ناهي ڇا تہ شرارت جا بند کولجن، يا پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙجن، مظلومن کي آزاد ڪجي، ۽ هرڪا پاڃاري ڀڃي ڇڏجي؟ 7اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟ 8تڏهن تنهنجو سوجهرو صبح وانگي ڦٽندو، ۽ تون جلد صحت حاصل ڪندين: ۽ تنهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان هلندي؛ ۽ خداوند جو جلال تنهنجي پٺ جي سنڀال ڪندو. 9تڏهن تون سڏ ڪندين ۽ خداوند جواب ڏيندو؛ تون پڪاريندين ۽ هو چوندو تہ اِجهو آءٌ بيٺو آهيان. جيڪڏهن تون پنهنجي وچ مان ظلم جي پاڃاري ۽ انگشت نمائي، ۽ گلا ڪڍي ڇڏيندين؛ 10جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل سان بکين ڏانهن رغبت ڪندين، ۽ ڏکويل روح کي آسودو ڪندين؛ تہ تنهنجي روشنائي اوندهہ ۾ چمڪندي، ۽ تنهنجو انڌڪار ٻنپهرن جهڙو ٿيندو: 11۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي. 12۽ جيڪي تنهنجي نسل مان ٿيندا سي جهونيون ويران جايون وري جوڙيندا: تون گهڻين پيڙهين جي بنياد تي اڏاوت ڪندين؛ ۽ تون ڊٺلن جي مرمت ڪندڙ ۽ رهڻ لاءِ واٽن جو سنواريندڙ سڏبين. 13جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين: 14تہ پوءِ تون خداوند ۾ خوش رهندين؛ ۽ آءٌ توکي زمين جي مٿانهين جاين تي چاڙهيندس: ۽ توکي تنهنجي پيءُ يعقوب جي ميراث مان کارائيندس: ڇالاءِ جو خداوند جي واتان ائين چيو ويو آهي.

Currently Selected:

يسعياہ 58: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in